اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 11 کان 12 جنوري تائين پاڪستان جي ميزباني ۾ ”مسلم ڪميونٽيز ۾ ڇوڪرين ??ي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس ??ي تياري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي ??في?? پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري، اطلا??ات ۽ نشريات واري سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين، پرڏيهي وزارت ۽ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ڪانفرنس ??ي تيارين جو جائ??و ورتو جنهن ۾ هڪ ٺوس ايجنڊا پيش ڪئي ويندي جنهن ۾ ڇوڪرين ??ي تعليم ۾ ايندڙ رڪاوٽن، ڇوڪرين ??ي تعليم جي سماجي ۽ معاشي فائدن ۽ تعليمي برابري کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ جديد طريقي تي ڳالهه ٻولهه پڻ شامل آهي.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج