اسلام آباد-08 جنوري (اي پ?? پي) چيني تعميراتي ڪمپني اوورسيز ريريزنٽيٽيو آفيس يونين جي ڊائريڪٽر لي پ??گ، خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هن خيبر پختونخوا جي گورنر کي سنڌ ۾ اين 5 تي ٿيندڙ تعميراتي ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني. گورنر ڪمپني جي ڪم کي ساراهيندي چشمه ليفٽ ڪينال ۾ به ڪمپني کي حصو وٺڻ جي تجويز پيش ڪئي. هن چيو ته چشمه ليفٽ ڪينال صرف خيبر پختونخوا ئي نه پر ملڪ جو اهم ترقياتي منصوبو آهي جنهن ۾ عالمي معيار جي ڪمپينن جي شموليت ان منصوبي جي جٽادار ۽ ديرپا نتيجن لاءِ انتهائي ضروري آهي. ملاقات ۾ تعميراتي ماهر مشهور ڪاروباري شخصيت شعيب خان به ان سان گڏ هو. جڏهن ته ان کانسواءِ خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان مسلم ??يڊ جي هيڊ آف آپريشن آصف چشتي پ??ڻ ملاقات ڪئي، مُلاقات ۾ ڪي پ?? ڪي جي گورنر چيو ته ڏکو??ل انسانيت جي خدمت ڪندڙن کي معاشري ۾ قدر جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي. ڪي پ?? ڪي ۾ ان حوالي سان سماجي فلاحي تنظيمن جي متحرڪ ڪردار جي ضرورت آهي.
خيبر پختونخواهه جي گورنر سان چين جي تعميراتي ڪمپني جي ڊائريڪٽر ۽ مسلم ايڊ جي هيڊ آف آپريشن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada