اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اي پي ايس جي سانحي تي اسان جي دل اڄ به ڏکويل ۽ رت جا ڳوڙها روئي ٿي، فتنه الخوارج ۽ ا??هن جهڙن ٻين دهشتگرد ۽ ملڪ دشمن گروهن جو دين سان ڪو تعلق نه آهي ۽ نه ئي ڪ??هن به معاشرتي قدرن سان، پوري قوم ا??هن بزدل دهشتگردن جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي ۽ انشاءَ الله بيٺل رهندي، اسان جي سيڪيورٽي فورسز سمورن ملڪ دشمن عنصرن کي پوري همت ۽ بهادري سان م??هن ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چي?? ته اڄ جڏهن ته پاڪستان جي تاريخ جي هڪ نه وسارڻ جوڳي سانحي ۽ هڪ تمام وڏي نقصان جا 10 سال مڪمل ٿي رهيا آهن اسان جي دل ڏکويل ۽ رت جا ڳوڙها روئي ٿي، اهو اهڙو دل ڏکوئيندڙ واقعو هو ج??هن جي ياد هڪ ڏهاڪي کان اسان جي دلين کي بي چين ڪري رهي آهي. وزيراعظم چي?? ته 16 ڊسمبر 2014ع تي بزدل، بي رحم ۽ حيوانيت سان ڀرپور دهشتگرد آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي اڱڻ ۾ گهڙي تباهي ۽ بربادي ڪندي 144 معصوم جانين کي اسان کان سدائين جي لاءِ جدا ڪري ڇڏيو، ان حيوانيت جو شڪار ٿي شهيد ٿيندڙن مان اڪثريت گهٽ عمر جي ٻارن جي هئي جيڪي تمام ننڍڙي عمر ۾ ئي اسان کي غمگين ڪري دنيا مان هليا ويا، ا??هن جي زندگي، ا??هن جا خواب، ا??هن جون اميدون ۽ ا??هن جو مستقبل کسيو ويو. هن چي?? ته ان سانحي کي ڀلي ڪيترو ئي وقت ڇو نه گذري وڃي ا??هن معصوم ۽ گهٽ عمر ٻارن جي جدائي جي صدمي کي مٽائي نه ٿو سگهي، ا??هن ننڍڙن ٻارن ان ڏي??هن ناقابل برداشت ظلم ۽ ڏاڍ کي م??هن ڏنو ۽ شهادت ماڻي. وزيراعظم چي?? ته ا??هن خاندانن ۽ والدين جن پنهنجي پيارن کي ان ڀيانڪ سانحي ۾ وڃائي ڇڏيو ۽ جن جا لخت جگر ا??هن کان کسا ويا، جي ڏک ۽ تڪليف کي ڪ??هن به طور تي گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي. سندس چوڻ ه?? ته قوم کي ياد رکڻ گهرجي ته فتنه الخوارج ۽ ا??هن جهڙن ٻين دهشتگرد ملڪ دشمن گروهن جو نه دين سان ڪو تعلق آهي ۽ نه ئي ڪ??هن به معاشرتي قدرن سان، ٻاهرئين ملڪ دشمن عنصرن جي چوڻ تي اهي بزدل معصوم پاڪستانين کي پنهنجا ڪڌا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ نشانو بڻائين ٿا، پوري قوم ا??هن بزدل دهشتگردن جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي ۽ انشاءَ الله بيٺل رهندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته مون سميت پوري قوم ٻارن ۽ استادن جي بهادري کي سلام، ا??هن کي خراج عقيدت، ا??هن جي خاندانن جي قربانين ۽ سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي جيڪي اڄ به سموري ملڪ دشمن عنصرن کي پوري همت ۽ بهادري سان م??هن ڏنو آهي، اچو اڄ اسان هڪ پرامن ۽ محفوظ پاڪستان جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون جتي ڪ??هن معصوم کي ٻيهر ان ظلم ۽ ڏاڍ سان نقصان نه پهچي، ڪ??هن به ٻار کي خوف جي عالم ۾ اسڪول نه وڃڻو پوي ۽ اهڙي ڪ??هن به ناانصافي جي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. هن چي?? ته اهو هڪ وچن آهي جيڪو اسان کي گڏجي ڪرڻو آهي، اهو سڀ اسان تي ان سانحي جي متاثرين ۽ شهيدن جو قرض آهي ته اسان سڀ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته ا??هن جون جانيون رائيگان نه ويون، اسان ڪڏهن به نه وسارينداسين، اسان ڪڏهن به معاف نه ڪنداسين.
اي پي ايس سانحي تي اسان جي دل اڄ به ڏکويل ۽ رت جا ڳوڙها روئي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک