اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) بچاءُ ۽ دف??عي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ۽ علائقائي ۽ عالمي جاگرافيائي سياسي صورتحال تي گڏيل افهام ۽ تفهيم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل عقيدي، ثقافت، قدرن، تهذيب ۽ تاريخي رابطن، گڏيل اعتماد ۽ حمايت تي ٻَڌل م??ال?? ڀائراڻه ناتا آهن. هن ڪيترن ئي فورمن تي پاڪ??تا?? لاءِ ترڪيه جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته وڌندڙ دف??عي تعاون اسان جي ٻه طرفن ناتن جو هڪ اهم پهلو آه?? جنهن جي خاصيت گڏيل منصوبي، گڏيل مشق ۽ فوجي تربيت آهي. ٻنهي ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ناتن ۽ گڏيل فائديمند شعبن ۾ س??ڪا?? کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جو عزم ڪيو.
بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ترڪيه جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس