اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ??رڪ??ه سان جوائنٽ وينچر سميت سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، ڪاروباري برادري کي سفري سهولتن جي فراهمي سان ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي. اها ڳالهه هن ??رڪ??ه جي سفير عرفان نذير اوگلو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ??رڪ??ه ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي هٿي ڏيڻ ۽ مختلف معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. نجڪاري وزارت مطابق ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستاڻن ناتن کي ڀائيواريءَ ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. هن ??رڪ??ه جي سفير سان گڏيل سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالههه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته ??رڪ??ه جو تر??ي جو ماڊل متاثر ڪندڙ آهي ۽ پاڪستان به ان ماڊل مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۾ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ سيرپڪاري جا وسيع ۽ پُرڪشش موقعا موجود آهن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته روڊ نيٽ ورڪ بهتر بڻا??ڻ وڏو چئلينج آهي، شاهراهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ئي تر??ي جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. وفاقي وزير چيو ته اسان جو ڪم ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادريءَ کي ويجهو آڻڻ آهي، باقي ڪم پاڻ ئي شروع ٿي ويندو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي ڪمپنين کي ??رڪ??ه ۽ پاڪستان ۾ پُرڪشش م??اف??و حاصل ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي. ترڪش سفير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سان هر ممڪن سهڪار هوندو، ٻه طرفي سيڙپڪاري لاءِ قابل عمل ماڊل تي عمل ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ??رڪ??ه پاڪستان سان پنهنجن ناتن کي باقاعده ۽ اداره جاتي شڪل ڏيڻ چاهي ٿو، ??سان جي گڏيل صورتحال موافق، مقصد واضح ۽ منزل هڪ آهي.
ترڪيه سان جوائنٽ وينچر سميت سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : ریل رش