اسلام ??باد-19 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته اسان جمهوري ذهن جا ماڻهو آهيون، آئيني ترميمن تي نمبرز پورا آهن ان جي باوجود اسان جي ڪوشش آهي ته آئيني ترميمن تي مڪمل اتفاق راءِ سان اڳتي وڌيو وڃي، اسان جو فرض آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي آن بورڊ ورتو وڃي، مشاورت جو عمل تيزي سان جاري آهي، ڪوشش آهي ته ان کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي پارليامينٽ هائوس ٻاهران مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ حنيف عباسي سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 7 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، آئيني ترميمن تي سياسي مشاورت جو عمل جاري آهي، مڪمل اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، سمورين سياسي پارٽين جو مشاورت جي عمل ۾ حصو وٺڻ جمهوريت جو حسن آهي. هن ??يو ته بلاول ڀٽو زرداري جون وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان سان ملاقاتون ٿيون، پي ٽي آءِ جي وفد به اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين سان ملاقات ڪري ورتي آهي. نمبر پورا هجڻ ۽ هوم ورڪ مڪمل هجڻ باوجود اسان ڪوشش ڪئي آهي ته مشاورتي عمل کي نه روڪيو وڃي ۽ آئيني ترميمن تي ڊگهي مشاورت ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي. هن ??يو ته آئيني ترميمن تي اسان جو فرض آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي آن بورڊ ورتو وڃي ۽ هڪ هڪ شق تي گفتگو ڪري ان کي منطقي انجام ??ائين پهچايو وڃي. وفاقي وزير چيو ته ايتري مشاورت ڪنهن به قانونسازي يا آئيني ترميمن تي ??اه?? ٿي جيڪا هن وقت ٿي رهي آهي. هن ??يو ته اسان جمهوري سوچ وارا ماڻهو آهيون ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته سمورن سياسي اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿئي. اسان وٽ نمبرز پورا آهن پر جمهوري معاشرن جي سوچ اها ئي هوندي آهي ته مشاورت ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي. هن ??يو ته خيبرپختونخوا جي اندر رولز تبديل ڪري پوليس آفيسرن جي پوسٽنگ ۽ ٽرانسفر جا اختيار آءِ جي کان وٺي وڏي وزير پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آهن. هن پنهنجا ماڻهو خيبرپختونخوا اندر بند ڪيا هئا، هن پوليس کي سياسي انجنيئرنگ ۾ ملوث ڪري ان کان سياسي ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس کي وفاق خلاف استعمال ڪيو. هن ??يو ته اهي ماڻهن ??ي سياسي طور تي ڪنٽرول ۾ وٺڻ ??اه??ندا هئا، پنجاب مان به جن ماڻهن جو تعلق هو انهن ??ي بند ڪيو ۽ الزام ??دارن تي لڳايو ويو. هُنن وفاق خلاف سرڪاري وسيلن جو استعمال ڪيو، جڏهن ٻين تي الزام لڳائيندا آهن ته پنهنجي جيءُ ۾ جهاتي نٿا پائين ته انهن جو پنهنجو طرز عمل ڪهڙو آهي. هُنن پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين سان غداري تي باهيون ڏيڻ ۽ گهر، ڪاروبار تباهه ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، هنن شهيدن جا مجسما ڊاٿا، آءِ ايم ايف کي خط لکيا، ايس سي او کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان تي کين ڪو به مسئلو نه ٿيو. هن ??يو ته سڀ کان پهرين اسان جو ملڪ آهي، سياسي اڳواڻ ۽ سياسي پارٽيون بعد ۾ آهن، جڪڏهن ??نهن پارليامينٽ جي ميمبر تي حملا ڪيا ته رياست ايڪشن کڻندي، رياست جي عملداري هر صورت ۾ قائم رهندي. وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جا ماڻهو الزام لڳائي رهيا آهن ته کين خبر آهي ته اسان وٽ نمبر پورا آهن، الزام ??راشي جي سياست ڪري اهي سياسي فيس سيونگ ??اه??ن ٿا. هن ??يو ته نمبرز پورا هجڻ جي باوجود اسان جي خواهش مشاورت ۽ اتفاق راءِ جي آهي ۽ ڪوشش آهي ته ان عمل کي اتفاق راءِ سان هلايو وڃي. هن ??يو ته اهي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس کي آرمي چيف ۽ ملڪي ادارن خلاف استعمال ڪري سگهن ٿا پر اهي ڪنهن به زيڪ گوڊ سمٿ خلاف استعمال نه ڪندا. صحافين جي سوالن جو جواب ڏيندي هن ??يو ته آئين ۽ قانون اندر رهندي ٻيا آپشن موجود آهن پر اسان جي ليڊرشپ ۽ پارٽي جي سوچ آهي ته اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي. هن ??يو ته فراخدلي جو مظاهرو ڪندي کليل ذهن سان آئيني ترميمن تي اڳتي وڌي رهيا آهيون. هن ??يو ته تحريڪ انصاف طرفان دير ٿي، تحريڪ انصاف جا ماڻهو پنهنجي ليڊر سان ملڻ کان گهٻرائي رهيا هئا. هن ??يو ته وسيع تر قومي مفاد ۾ عدالتي سڌارن جي حوالي سان بهتر سمجهيو ويو ته پوءِ آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي ٻين آپشنز طرف وينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته پنجاب جي ڪاليجن ۾ شاگردن کي هڪ منظم مهم ذريعي ڀڙڪايو ويو، ڪالهه هڪ عورت سوشل ميڊيا تي جعلي خبر جاري ڪئي، ان عورت جو تعلق ڪراچي سان آهي. هن ??يو ته ڏاڍائي جي جعلي خبر پکيڙيندڙن کي ٽريس ڪيو ويو آهي. هن ??يو ته شاگردن جي هاڻوڪي احتجاج ۾ ڪنهن شاگرد تي ڪو به تشدد ??اه?? ڪيو ويو، شاگردن جي احتجاج ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ به فوت ٿيو آهي. هن ??يو ته سوشل ميڊيا تي منظم مهم ذريعي شاگردن کي رستن تي آندو ويو، پنجاب ۾ باهه ِِڀڙڪائي وئي، ان مهم ۾ جن ماڻهن حصو ورتو انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿي چڪي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته پي ٽي آءِ باني خلاف 190 ملين پائونڊ، توشاخانه، سائفر ڪيسز ع??التن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، 190 ملين پائونڊ ڪيس پاڪستان جي تاريخ جو ميگا ڪرپشن ڪيس آهي، شهزاد اڪبر بابت مون پهرين به چيو هو ته اهو ملڪ مان ڀڄي ويندو. هن ??يو ته ڪيسن جي حوالي سان زيرو ٽالرنس پاليسي آهي، قومي ڏوهاري کي ڪنهن به قسم جو اين آر او نه ڏنو ويندو. هن ??يو ته 9 مئي جي ڪيسن کي جلد کان جلد منطقي انجام ??ائين پهچائڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب م هن ??يو ته قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پارليامينٽ جي ميمبرن کي مسودي تي بريفنگ ڏني آهي، مسودي تي قانون وارو وزير ميڊيا کي به بريف ڪندو ۽ فلور آف دي هائوس تي به ڳالهائيندو. هن ??يو ته حڪومتي اتحاد جا سمورا ماڻهو هتي موجود آهن، محمد نواز شريف ۽ حمزه شهباز به ٿوري دير بعد قومي اسيمبلي ۾ پهچي ويندا، اهي به ووٽنگ ۾ حصو وٺڻدا، سمورا نمبرز پورا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته ڪنهن به صحافي سان ڪا به تلخي ??اه?? ٿي، هميشه ڪوشش هوندي آهي ته صحافي جي خوشي ۽ ڏک ۾ شرڪت ڪريان، خيبرپختونخوا هائوس ٻاهران به جيڪي صحافي ڊيوٽي ڏئي رهيا هوندا آهن منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته انهن جو به خيال رکيو وڃي. هن ??يو ته جيڪڏهن ??نهن صحافي خلاف ڪا ڪارروائي ٿي رهي آهي ته ان جي نشاندهي ڪريو، صحافت جي آزادي لاءِ 24 ڪلاڪ حاضر آهيان.
اسان جمهوري ذهن جا ماڻهو آهيون، آئيني ترميمن لاءِ نمبرز پورا آهن پر اسان جي ڪوشش آهي ته مڪمل اتفاق سان اڳتي وڌيو وڃي: عطا الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II