اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي انشورنس محتسب (ايف آءِ او) جي 9 فيصلن کي برقرار رکندي ٻن انشورنس ڪمپنين کي ??دا??ت ڪئي آهي ته اهي انشورنس پاليسي هولڊرز يا انهن جي گهرڀاتين کي 15.2 ملين ر??ين کان وڌيڪ جي مجموعي رقم ادا ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلن جي خلاف داخل اي ايف يو لائيف انشورنس لميٽيڊ جي 6 ۽ پاڪ – قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ جي ٽن درخواستن کي رد ڪندي اهي ??دا??تون ڏنيون آهن. تفصيل موجب وفاقي انشورنس محتسب جي سامهون اهي الزام هنيا ويا هئا ته اي ايف يو لائيف انشورنس جي ايجنٽن محمد شفيق ۽ اديب روشن جڏهن ته محمد ممتاز ملڪ، محمد شبير ۽ عابد حسين کوکر کي پاڪ – قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ جي ايجنٽن سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪيو ۽ انهن کي منافعو ڏيندڙ اسڪيمن ۾ سيڙپڪاري ڪرائي وئي ۽ انهن کي ماهوار بنياد تي منافعي جي خاطري ڪرائي وئي. جڏهن انهن پنهنجي رقم جي واپسي يا ري ايمبرسمنٽ جي لاءِ لاڳاپيل ڪمپنين سان رجوع ڪيو ته ڪمپنين انهن جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو. اي ايف يو لائيف انشورنس لميٽيڊ مرحوم علي حيدر، شيخ علي حسن، چاند علي ۽ علي اڪبر جي گهرڀاتين پاران داخل ڪيل ”ڊيٿ ڪليم“ کي رد ڪري ڇڏيو. ان پ??يش??ن ڪندڙ صورتحال تي شڪايت ڪندڙن پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ جدا کان وفاقي انشورنس محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب انهن جا ڪيس ٻڌڻ کانپوءِ ڪمپنين کي ??دا??ت ڪئي ته اهي شڪايت ڪندڙن کي مجموعي طور تي 15.2 ملين ر??يا ادا ڪن. بعد ۾ بيما ڪمپنين صدر پاڪستان وٽ وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلن جي خلاف جدا جدا درخواستون داخل ڪيون. ڪيسن جي ٻڌڻي ايوان صدر ۾ ٿي، وفاقي انشورنس محتسب جي حڪمن ۾ ڪا قانوني ڪمزوري نه ڏٺي وئي، ان لاءِ درخواستون رد ڪيون ويون. اي ايف يو لائيف انشورنس لميٽيڊ کي ??دا??ت ڪئي وئي ته اها نظاره بي بي کي 30 لک رپيا، نور حسن کي 3.077 ملين ر??يا، نيڪ محمد کي 2.508 ملين ر??يا، ڪامله علي کي 796000 رپيا، محمد شفيق کي 1.612 ملين ر??يا ۽ اديب روشن کي 933992 رپيا ادا ڪري. اهڙي طرح پاڪ – قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ کي پڻ ??دا??ت ڪئي وئي آهي ته اها محمد ممتاز ملڪ کي 636456 رپيا، محمد شبير کي 1.319 ملين ر??يا ۽ عابد حسين کوکر کي 1.328 ملين ر??ين جي رقم ادا ڪري.
صدر پاران ڪمپنين جون درخواستون رد، 9 انشورنس پاليسي هولڊرز کي هڪ ڪروڙ 52 لک رپين جي ادائيگين جي هدايت
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania