لاڙڪاڻو-21 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو کان ايران ويندڙ زائرين جي ڪوچ سان ايران جي شهر يزد ۾ خوفناڪ حا??ثو پيش اچڻ سبب 31 کان وڌيڪ زائرين شهيد ۽ 20 کان وڌيڪ سخت زخمي ٿي پيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حا??ثي تي افسوس جو اظهار ڪندي سنڌ صوبائي وزير ناصر شاهه کي ايران ۾ متاثر خاندانن جي مدد لاءِ ڪراچي ۾ ايران جي قونصل جنرل سان رابطي ڪرڻ جي هدايت ??ئي آهي. لاڙڪاڻي کان سيد اطهر شاهه شمسي جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل زائرين جي ڪوچ ايران جي شهر يزد ۾ بريڪ فيل ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪلٽي ٿي پئي. شروعاتي ڄاڻ موجب ڪوچ ۾ 55 ڄڻن سميت ??رائيور ۽ ڪنڊڪٽر سوار هئا. حا??ثي جي نتيجي ۾ 31 کان وڌيڪ زائرين موقعي تي ئي دم ڏنو. جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زائرين سخت زخمي ٿي پيا آهن جن مان ڪيترن ئي زخمين ج?? حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ايراني انتظاميه جي ايمرجنسي ريسڪيو ٽيم موقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمين کي ڪوچ هيٺيان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي فوتين ۽ زخمين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ٻئي پاسي ٰ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي ڪوچ سان ٿيل حا??ثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايران ۾ روڊ حا??ثي جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي انتهائي افسوس ٿيو آهي، ايران روڊ حا??ثي ۾ شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو. ان کان اڳ حا??ثي بابت وزيراعليٰ سنڌ کي آگاهي ڏني وئي ته لاڙڪاڻو کان 50 کان 55 زائرين جي بس کي ايران جي شهر يزد ۾ حا??ثو پيش آيو آهي جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير صوبائي وزير ناصر شاهه کي ايران ۾ متاثر خاندانن جي مدد لاءِ ڪراچي ۾ ايران جي قونصل جنرل سان رابطي ڪرڻ ۽ حا??ثي ۾ فوت ٿي ويل جا لاش آڻڻ جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ??ئي. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي پرڏيهي وزارت سان رابطي ۽ پرڏيهي وزارت سان لاشن جي واپسي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ??ندي چيو آهي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، واپسي لاءِ سفري سهولتن جو بندوبست ڪيو وڃي.
لاڙڪاڻو کان ايران ويندڙ زائرين جي ڪوچ سان ايران ۾ خوفناڪ حادثو، 31 کان وڌيڪ زائرين شهيد ۽ 20 کان وڌيڪ سخت زخمي، سنڌ جي وڏي وزير پاران صوبائي وزير ناصر شاهه کي ايران ۾ متاثر خاندانن جي مدد لاءِ ڪراچي ۾ ايران جي قونصل جنرل سان رابطي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت