اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ سفارتڪار عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، سفارتڪ??ري جي شعبي ۾ پاڪستاني عورت سفارتڪارن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جي 76 هين اجلاس ۾ گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي اتفاق راءِ سان هر سال 24 جون تي سفارتڪ??ري ۾ عورتن جي ڪردار جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو. نائب وزيراعظم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽائيم لائين تي لکيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پاڪستاني عورتن جو سفارتڪ??ري جي ميدان ۾ شاندار ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته بيگم رعنا لياقت علي خان، محترمه شائسته اڪرام الله، محترمه بينظير ڀٽو جهڙين ٻين ڪيترين ئي اهم عورتن رڪاوٽون ٽوڙي سوين عورت سارتڪارن جي لاءِ راهه هموار ڪئي جيڪي عالمي سطح تي وقار سان گڏ پاڪستان جي نمائندگي ??ري رهيون آهن. نائب وزيراعظم عورت سفارتڪارن کي ساراهيو ۽ انهن جي خدمتن ۽ تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيا.
سفارتڪاري جي شعبي ۾ پاڪستاني عورت سفارتڪارن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : apostas quina