اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ??يو آهي ته 9 مئي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، سياسي ۽ ذات?? مفادن جي خاطر 9 مئي تي اها حرڪت ڪئي وئي جيڪا ڪڏهن دشمن به نه ڪئي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته 9 مئي سانحي جي دل ڏکوئيندڙ واقعي جي مذمت جي لاءِ خصوصي اجلاس گهرايو ويو آهي، اجلاس ۾ پيپلزپارٽي، آءِ پي پي، نيشنل پارٽي کي به خصوصي طور تي گهرايو ويو آهي، سمورين اتحادي پارٽين جي نمائندگي هوندي. هن ??يو ته خصوصي اجلاس ۾ 9 مئي جي حوالي سان قرارداد پيش ڪئي ويندي، قانون واري وزارت پاران وائيٽ پيپر پڻ پيش ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته باني پي ٽي آءِ سان تمام گهڻي رعايت ڪئي وئي آهي، ان جا ڀاڻيجا ۽ ڀينرُون عظميٰ خان، عليمه خ??ن ۽ نورين خان به 9 مئي جي سانحي ۾ ملوث آهن، انهن کي ڇو رعايت ڏني وئي. هن ??يو ته منهنجو سوال آهي ته 9 مئي جي ڪيسز جو فيصلو ڇو نه ??يو ڪيو وڃي، ڇو ان ڪيس کي منطقي انجام تائين نه ??يو پهچايو وڃي.
9 مئي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، سياسي ۽ ذاتي مفادن جي خاطر 9 مئي تي اها حرڪت ڪئي وئي جيڪا ڪڏهن دشمن به نه ڪئي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ