بنجول – 03 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گيمبيا جي شهر بنجول ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي سربراهي اج??اس جي لاءِ پرڏيهي وزيرن جي تياري جي اج??اس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن سال جي سربراهي اج??اس جو موضوع ”پائيدار ترقي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي اتحاد ۽ يڪجهتي کي وڌائڻ“ آهي. اج??اس دوران پاڪستان کي متفقه طور تي او آءِ سي جي 15 هين اسلامي سربراهي اج??اس جي لاءِ بيورو آف پرڏيهي وزيرن جي تياري جي اج??اس جو نائب صدر چونڊيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان موق??ي تي خطاب ڪندي گيمبيا جي پرڏيهي وزير ممدائو تنگارا کي سيشن ۽ 15 هين اسلامي سربراهي اج??اس جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سعودي عرب جي عهدو ڇڏيندڙ سربراهه جي ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير غزه جي عوام جي خلاف اسرائيلي جنگ سبب گذريل ڪيترن ئي مهينن کان غزه جي عوام جي جاري نسل ڪشيءَ ۽ غذائي کوٽ تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. تياري جي اج??اس دوران او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن سينيئر آفيشلز ميٽنگ (ايس او ايم) جي رپورٽ جي منظوري ۽ مختلف دستاويزن کي ??تم?? شڪل ڏني جن ۾ فلسطين مسئلو، او آءِ سي سربراهي ڪانفرنس جو ??تم?? پڌرنامو ۽ بنجول پڌرنامو شامل آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي بنجول ۾ اسلامي سربراهي اجلاس جي لاءِ پرڏيهي وزيرن جي تياري جي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ