اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري ملڪيتي انٽرپرائيزز جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، اها ڪميٽي ڪمپنين جي انتظام ۽ انصراف جي معاملن کي اڪلائيندي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين جي انتظام ۽ انصراف جي معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. ان ڪميٽي جو نالو ”سرڪاري ملڪيت وارين انٽرپرائيزز بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او ايس او ايز)“ آهي. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين (ايس او ايز) ايڪٽ 2023ع ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين قانونن ۽ پاليسين جي لاڳو ۽ عملدرآمد جي نگ??اني ڪرڻ، ايس او ايز جي بو??ڊز ۾ مقررين بابت معاملن، ايس او ايز بابت سڌارا ۽ تجويزون ڏيڻ، ايس او ايز جي مالي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ، ايس او ايز جي لا??ِ پاليسين، هدايتن ۽ گائيڊ لائينز جي تجويز ۽ ڪابينا کي سفارش ڪرڻ، سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين کي ڪنهن به عوامي خدمت جو فرض ادا ڪرڻ جي لاءِ هدايت جاري ڪرڻ جي تجويز ڏيڻ ۽ ايس او ايز ايڪٽ 2023ع ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين قانونن ۽ پاليسين ۾ شامل ڪنهن به ٻئي لاڳاپيل معاملي جو جائزو وٺڻ شامل آهي. ڪميٽي جو چيئرمين ناڻي وارو وفاقي وزير هوندو جڏ??ن ته ميمبرن ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير، هائوسنگ اينڊ ورڪس وارو وفاقي وزير جڏ??ن ته خصوصي دعوت تي نائب چيئرمين منصوبابندي ڪميشن ميمبر هوندو.
وزيراعظم پاران سرڪاري ملڪيتي انٽرپرائيزز جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر