اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جو ٻيهر صدر چونڊجڻ تي چين جي صدر شي جن پنگ پاران ??بارڪباد ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيندي چيو آهي ته ??ين سان سدا بهار حصيداري مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان ۽ چين جي مضبوط دوستي علائقائي امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب چيني صدر پاران ??بارڪباد واري پيغام تي صدر هڪ خط ۾ سندس ٿورا مڃيا. صدر آصف علي زرداري صدر شي جن پنگ کي خط جو جواب ڏيندي گڏيل عملي تعاون کي گهرو ڪرڻ، سدا بهار حصيداري کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنه?? ملڪن جي مفاد جي لاءِ ??ڏيل ڪميونٽي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ??يني صدر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين رڳو پاڙيسري نه پر مضبوط ڀاءُ آهن، ٻنه?? ملڪن پاڪ – چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) سميت ٻطرفي تعاون جي مختلف شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. صدر چيو ته ٻئ?? ملڪ سدا بهار تعاون جي حصيداري جي ڪاميابي جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي اڻٿڪ حمايت سي پيڪ جي ترقي جي لاءِ لازمي رهندي، تاريخ پاڪستان ۽ چين کي هڪ منفرد رشتي ۾ ڳنڍيو آهي، سمورن عالمي ??سئلن تي گڏيل احترام، افهام تفهيم ۽ گڏيل خيالن سان ??اڪ – چين لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. صدر چين سان عملي تعاون وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي صدر شي جن پنگ پاران ??اڪ – چين دوستي طرف صدر زرداري جي عزم جي اعتراف کي پڻ ساراهيو.
صدر چين جي صدر شي جن پنگ جا مبارڪباد ڏيڻ تي ٿورا مڃيا، چين سان سدا بهار حصيداري مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون: آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا