اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پنجاب چيمبر آف ايجوڪيشن جي صدر حاجي اشفاق احمد وڙائچ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪندي چ??و ته چيمبر، حڪومت ۽ پرائيويٽ تعليمي شعبي وچ ۾ ويڇن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چ??و ته پنجاب چيمبر آف ايجوڪيشن اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيمبر طرفان هاڪاري فيڊ بيڪ کي تسليم ڪيو ۽ چ??و ته اهي تجويزون ايندڙ آءِ پي اي ايم سي ۾ صوبن کي موڪليون وينديون. وفاقي وزير کي صوبن ۾ اڻ اعلانيل موڪلن جي مسئلن بابت ٻُڌايو ويو، جنهن سبب اسڪولن جا تعليمي ڏينهن گهٽ ٿي رهيا آهن. هن کي ٻُڌا??و ته تعليمي ڪئلينڊر سال کي ا??ڙي??َ ??رح نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن موسمياتي تبديلين جي اثرن کي ختم ڪيو وڃي. وفاقي وزير کي ٻُڌايو و??و ته موسمياتي تبديلين سبب مختلف علائقن جي موسم مختلف انداز ۾ متاثر ٿيندي آهي. پي اي سي استادن جي تربيت جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ حڪومت کي پنهنجون خدمتون پيش ڪيون. پي اي سي چ??و ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر ذريعي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ پي اي سي پنهنجون خدمتون وفاقي حڪومت کي به پيش ڪيون. وفاقي وزير چ??و ته اهي تجويزون هاڪاري آهن ۽ صوبن کي انهن کي عملي جامو پارائڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. هن چ??و ته اهو ضروري آهي ته پاليسيون اهڙي ??رح بڻايون وڃن ته هاءِ اينڊ ۽ لو اينڊ پرائيويٽ ادارن لاءِ هڪ ئي پاليسي نه هئڻ گهرجي.
نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پنجاب چيمبر آف ايجوڪيشن جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن