اسلام ??با?? – 12 – جنوري (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (وچ اوڀر) رضوان سعيد شيخ مصر جي دوري جي موقعي تي گذريل ڏينهن مصر جي ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير ??حمد شاهين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مصر ۾ پاڪستان جو سفير ??اجد بلال پڻ موجود هو. ڌرين سياسي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لا??اپ?? سميت ٻطرفن لا??اپ?? جي وسيع معاملن جو جائزو ورتو. هن ٻطرفن لا??اپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جي ايندڙ دور جي اجلاس ۽ هن سال جي آخر ۾ اسلام ??با?? ۾ سالياني ٻطرفي مشاورت منعقد ڪرڻ شامل آهي. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير 9 کان 11 جنوري تي قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ چوٿين پاڪستان – آفريقا واپاري ترقي ڪانفرنس ۽ سنگل ڪنٽري نمائش جي ڪامياب انعقا?? کي ساراهيو جيڪا سفارتي لا??اپ?? جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ٿي. هن پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ گڏيل فائديمند تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (وچ اوڀر) رضوان سعيد شيخ جي مصر جي ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير احمد شاهين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری