اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته آئين جي آرٽيڪل 48 (5) موجب قومي اسيمبلي جي لاءِ عام چونڊون قومي اسيمبلي جي تحليل جي تاريخ جي 89 هين ??ينهن يعني سومر 6 نومبر 2023ع تي ٿيڻ گهرجن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي نالي خط ۾ چيو ??هي ته صدر 9 آگسٽ تي وزيراعظم جي مشوري تي قومي اسيمبلي کي تحليل ڪيو، آئين جي آرٽيڪل 48 (5) تحت صدر جو اختيار ??هي ته قومي اسيمبلي جون عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ، تحليل جي تاريخ کان 90 ڏينهن جي اندر جي تاريخ مقرر ڪري. هن چيو ته آرٽيڪل 48 (5) موجب قومي اسيمبلي جي لاءِ عام چونڊون قومي اسيمبلي جي تحليل جي تاريخ جي 89 هين ??ينهن يعني سومر 6 نومبر 2023ع تي ٿيڻ گهرجن. صدر چيو ته آئيني ذميواري پوري ڪرڻ جي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي ملاقات جي لاءِ گهرايو ويو ته جيئن آئين ۽ ان جي حڪم کي لاڳو ڪرڻ جو طريقو جوڙي سگهجي، چيف اليڪشن ڪمشنر جواب ۾ ابتڙ موقف اختيار ڪيو ته آئين جي اسڪيم ۽ فريم ورڪ موجب اهو اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. صدر پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو ??هي ته آگسٽ ۾ آدمشماري جي اشاعت کانپوءِ تڪبندين جو عمل پڻ جاري ??هي ۽ آئين جي آرٽيڪل 51 (5) ۽ اليڪشن ا??ڪٽ جي سيڪشن 17 تحت اها هڪ لازمي شرط آهي. هن چيو ته قانون ۽ انصاف واري وزارت به اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جهڙي راءِ رکي ٿي، چئني صوبائي حڪومتن جو خيال ??هي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو مينڊيٽ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وفاق کي مضبوط بڻائڻ، صوبن جي وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي جي فروغ ۽ غيرضروري خرچن کان بچڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جون عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ تي اتفاق آهي. صدر چيو ته اليڪشن ڪميشن ذميوار ??هي ته اها آزاداڻي ۽ منص??اڻ?? چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ آرٽيڪل 51، 218، 219، 220 ۽ اليڪشنز ا??ڪٽ 2017ع تحت طئي ٿيل سمورن آئيني ۽ قانوني قدمن جي پابندي ڪري. صدر چيو ته سمورن نقطن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن آئين جي لاڳاپيل شقن تحت صوبائي حڪومتن ۽ سياسي پارٽين سان مشاورت ۽ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ته ڪجهه معاملا اڳ ۾ ئي ٻڌڻي هيٺ آهن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اعليٰ عدليه کان رهنمائي حاصل ڪري.
آئين جي آرٽيڪل 48 (5) موجب قومي اسيمبلي جي لاءِ عام چونڊون قومي اسيمبلي جي تحليل جي تاريخ جي 89 هين ڏينهن يعني سومر 6 نومبر 2023ع تي ٿيڻ گهرجن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha