پشاور – 22 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي پٺتي پيل آبادي کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هيلٿ اينڊ ايجوڪيشن جي شعبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. خيبر گرلز ميڊيڪل ڪاليج ۾ هيلٿ ريسرچ 2023ع تي عالمي ڪانفرن?? جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر چي?? ته ملڪ جي رڳو چار کان 5 سيڪڙو آبادي اعليٰ تعليم سان ليس آهي جڏهن ته عام ماڻهو کي شديد مشڪلاتون درپيش آهن. هن نشاندهي ڪئي ته ملڪ جي 250 ملين آبادي مان 27 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جڏهن ته ماڻهن جي هڪ وڏي انگ کي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ صحت جي معياري خدمتن تائين پهچ نه آهي. صدر پاليسي سازن تي زور ڏن?? ته اهي جلد ۽ وقت سدر فيصلا ڪن جڏهن ته ڌرين، سرندي وارن ماڻهن، رضاڪارن ۽ عالم سڳورن تي زور ڏن?? ته اهي جديد دور جي چئلينجز بابت بيداري پيدا ڪرڻ ۽ ٻارن جي تعليم جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چي?? ته حڪومت 27 ملين اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي لاءِ وسيلن جي کوٽ جي ڪري اسڪول قائم نه ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي سڀني کي صحت جون سهولتون فراهم ڪري سگهي ٿي ۽ اهڙي طرح عوام جي خدمت جي ذميواري سول سوسائٽي جي ڪلهن تي اچي ٿي. هن چي?? ته ملڪي معيشت کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن جڏهن ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ان ۾ بهتري ايندي. هن و??يڪ چي?? ته استادن، ڊاڪٽرن، شاگردن، عالم سڳورن ۽ هر ماڻهو کي ملڪ جي تعمير ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن وقت ملڪ کي ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ضرورت آهي. هن و??يڪ چي?? ته ملڪ ۾ 9 لک نرسن جي ضرورت آهي جڏهن ته هن وقت 2 لک تربيت يافته نرسون فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. هن صحت جي تحقيق تي پهرين عالمي ڪانفرن?? جي منتظمين کي ساراهيندي چي?? ته عالمي ماهرن سان گڏجي صحت جي شعبي ۾ نئين تحقيق وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چي?? ته ڊاڪٽرز خاص طور تي نئين فارغ ٿيندڙ شاگردن کي گهرجي ته اهي نئين تحقيقي موضوعن تي ڌيان ڏين ۽ ماڻهن کي متعدي ۽ غيرمتعدي مرضن ۽ احتياطي تدبيرن بابت آگاهي ڏين. صدر عورتن کي اڳتي اچڻ ۽ خاص طور تي ميڊيڪل جي شعبي ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ عملي زندگي ۾ شامل ٿيڻ جي ترغيب ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو.
صدر پاران ملڪ جي پٺتي پيل آبادي کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هيلٿ اينڊ ايجوڪيشن جي شعبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha