ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ثمرقند ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي از??ڪستان جي وقتي پرڏيهي وزير سيدوف باختيور اوديلووچ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن از??ڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ دوستاڻن لاڳاپن خاص طور تي رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري کانسواءِ عوامي رابطن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين پاڪستان، از??ڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٽرانس افغان ريلوي منصوبي تي اڳڀرائي تي پ?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪي?? ته ان منصوبي جي وقت سر مڪمل ٿيڻ سان علائقائي رابطن ۾ اضافو ٿيندو. ملاقات جي موقعي تي ٻنهي طرفن اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي مٽاسٽا جي موجوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪي??. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ از??ڪستان جي وقتي پرڏيهي وزير ملاقات ۾ ٻطرفي واپار کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ از??ڪستان جي وچ م ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) کي جلد فعال ڪرڻ تي پ?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
حنا رباني کر جي ثمرقند ۾ ازبڪستان جي وقتي پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن