اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپاري برادري خاص طور تي واپارين ۽ صنعتڪارن تي زور ڏنو آهي ته اهي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن ۾ دل کولي حصو وجهن ۽ ٻوڏ کان متاثري?? جي مدد ڪن، واپاري برادري پنهنجي ڪاروبار ۽ روانگي واپار کي وڌائڻ سميت ملڪ جي موجوده معاشي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ٽولز کي اختيار ڪري، پنهنجي مصنوعات جي قدر ۾ اضافي ڪري ۽ نئين منڊي?? جي ڳولا ڪري. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ اسلام آباد چيم??ر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽريز (آءِ سي ايس ٽي اينڊ ايس آئي) جي اچيومينٽ ايوارڊز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آءِ سي ايس ٽي اينڊ ايس آئي جي صدر محمد زاهد ۽ واپاري برادري جي اڳواڻن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي. صدر تقريب کي خطاب ڪندي ملڪ جي انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ اسا?? جي نوجوانن ۽ عورت?? جي آبادي کي بهتر بڻائڻ سان پاڪستان کي تيز رفتار ترقي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان کي علم تي ٻڌل معيشت جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي بي پناهه انساني وسيلن کي جديد ترين فني مهارتن سان آراسته ڪرڻ گهرجي. صدر واپاري برادري کي چيو ته اها پنهنجي ڪاروبار ۽ واپار جي بنياد ايمانداري، ديانتداري، ذميواري، معيار، اعتماد ۽ احترام ۽ صارفي?? جي اطمينا?? جي اخلاقي قدرن تي رکي ته جيئن مارڪيٽ ۾ پنهنجي پوزيشن کي مستقل طور تي مستحڪم ڪري سگهجي. هن چيو ته صارفين جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۽ انه?? جي ڪارپوريٽ سماجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي لاءِ شين ۽ خدمت?? جي معيار کي برقرار رکي مستحڪم بنيادن تي نيون منڊيون حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيمبرز آف ڪامرس تي زور ڏنو ته ا??ي پنهنجي ميمبر?? جي ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ پنهنجي مصنوعات ۽ خدمتن جون نمائشون منعقد ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪري، ان سان گڏوگڏ آن لائين مارڪيٽنگ جي سهولتن کي استعمال ڪندي پنهنجي صارفي?? جي انگ ۾ اضافو ڪري ته جيئن ا??ي پنهنجي ڪاروبار کي سگهه ڏئي سگهن. صدر ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ روانگي واپار جي اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجي معاشي ترقي جي رفتار ۾ هڪ مثالي تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري تي زور ڏنو ته هو معيار تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري، ٽيڪس ڪلچر کي فروغ ڏي ۽ وڌيڪ ڪاروبار کي پنهنجي دائري ۾ آڻڻ جي لاءِ ميمبرسازي کي وڌائي. صدر چيو ته فيصلاسازن کي ملڪ جي پيداواري صل??حي?? وڌائڻ ۽ مقامي ۽ عالمي منڊين ۾ چٽاڀيٽي جي لاءِ مشاورتي عمل جي ذريعي وقت سر فيصلا ڪرڻ گهرجن. هن ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته اها عالمي سطح تي مڃيل اخلاقي قدرن، ماحولياتي، حفظان صحت ۽ حفاظت جي معيار کي برقرار رکندي پنهنجي مصنوعات کي عالمي سطح تي مارڪيٽ ڪري. صدر چيو ته حڪومت جو فرض اهي ته اها واپاري برادري جي تجويزن جو جائزو وٺي ۽ مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي ڪاروباري برادري کي مناسب رعايتون فراهم ڪري ته جيئن ڪاروبار ۾ آساني کي بهتر بڻائي سگهجي، ان سان نه رڳو ڪاروبار ۾ بهتري ايندي پر ملڪ ۾ روزگار جا موقعا به وڌندا. ڊاڪٽر عارف علوي واپار جي اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته واپار هڪ عظيم پيسو آهي ۽ ان تي اسا?? جي نبي محمد ﷺ سميت الله جي نبين عمل ڪيو آهي، اسلام دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ تلوار جي زور سان نه پر مسلمان واپاري?? جي منصفاڻي، ديانتداراڻي ۽ سچي طرز عمل سان پکڙيو آهي. صدر ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته اها عورتن کي محفوظ ۽ هراسان ڪرڻ کان پاڪ ڪم جو ماحول فراهم ڪري ۽ انهن کي ڪم واري جڳهه تي سهولتون فراهم ڪري ڪاروبار ۽ صنعت ۾ انه?? جي حصيداري ۾ اضافو ڪري. هن چيو ته عورتن کي سماجي ۽ اقتصادي سرگرمين کان روڪڻ جو ڪو مذهبي بنياد نه آ??ي پر اها اسا?? جي ثقافت ۽ معاشري ۾ سرايت شده ثقافتي ۽ انساني تعصبن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته اهڙن عقيد?? جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي ڇو ته حضرت خديجه رضه الله عنها هڪ ڪاروباري عورت هئي جيڪا ڪاروباري سرگرمين ۾ حصو وٺندي هئي ۽ پنهنجي ڪاروباري ادارن کي فعال طريقي سان هلائيندي هئي. صدر چيو ته عورت?? جي شموليت جي خلاف ثقافتي ۽ ساختي رڪاوٽن کي ماڻهن کي تعليم ڏئي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ ڪاروبار، واپار، سيڙپڪاري ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ مثبت قدم کڻڻ گهرجن. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسلام ۽ ائين عورتن کي انهن جا حق ڏيڻ جي باوجود ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ عورتن کي انه?? جي وراثت ۽ ملڪيت جي حق کان محروم رکيو پيو وڃي. صدر تقريب دوران مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شخصيتن ۾ ايوارڊز پڻ ورهايا.
واپاري ۽ صنعتڪار دل کولي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال