اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سيد علي گيلاني جو ”اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي“ جو نعرو اڄ پوري دنيا ۾ گونجي رهيو آهي، اهل پاڪستان ۽ ڪش??يري عوام سيد علي گيلاني جي جدوجهد کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪش??ير جي آزادي جي اهڃاڻ سيد علي گيلاني جي پهرين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪش??يرين جو سيد علي گيلاني جي لاءِ باباءِ حريت جو خطاب ان جي تاريخي جدوجهد جو اعتراف آهي. مردِ بُحران سيد علي گيلاني جي جدوجهد حريت ۽ ڪش??ير جي آزادي جي تاريخ جو سنهري باب آهي. هن چيو ته سيد علي گيلاني هڪ شخص نه پر تحريڪ ۽ هڪ مشن جو نالو آهي جنهن جو نعرو ڪش??ير بڻجندو پاڪستان آهي. سيد علي گيلاني شهيد جو مڙهه کسڻ سان ڪش??يرين کان آزادي جي تڙپ کسي نٿي سگهجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني ۽ ڪش??يري سيد علي گيلاني کي سلام پيش ڪن ٿا?? اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي، جو سندس نعرو اڄ سڄي دنيا ۾ گونجي رهيو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سيد علي گيلاني سميت سمورن ڪش??ير جي شهيدن جا درجا بلند ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.
سيد علي گيلاني جو نعرو پوري دنيا ۾ گونجي رهيو آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم