اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) برطانيا ۾ پاڪستان ??ي هاءِ ڪميشن جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان هڪ تصويري نمائش منعقد ڪئي ويندي، نمائش جو مقصد غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پاڪستاني هاءِ ڪميشن پاران ??اري هڪ پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪمشنر ??عظم احمد خا?? پاڪستاني ڪميونٽي ۽ فرينڊز آف ڪشمير کي نمائش ۾ شرڪت ۽ ڀارتي ظلمن جي شڪار ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي دعوت ڏني آهي. نمائش کانپوءِ هاءِ ڪميشن ۾ ڪشمير جي موضوع تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويندو، جنه?? ۾ ??ارليامينٽ جا ميمبر، ڪشميري اڳواڻ، انساني حقن جون تنظيمون ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شرڪت ڪندا.
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil