اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) سهڻي ڌرتي ريمينٽس پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت قانوني ۽ بئنڪنگ ذريعن مان پرڏيهي ناڻو اُماڻيندڙن کي مراعتون ڏنيون وينديون ۽ ان عمل کي هٿي وٺرائي ويندي. اقتصادي رابطا ڪميٽي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان کي وڌيڪ هڪ لک 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پا??ڪو جي اسٽاڪ ۽ آزاد ڄمون ڪشمير حڪومت لاءِ پا??ڪو جي اسٽاڪ مان 3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فرا??مي جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي و??ري و??ير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ رٿابندي و??ري وفاقي و??ير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي و??ير مخدوم خسرو بختيار، عبدالرزاق دائود، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ناڻي و??ري سيڪريٽري اجلاس ۾ پرڏيهه مان ناڻو اُماڻيندڙ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين لاءِ نيشنل ريمينٽس لائيٽي پروگرام جنهن کي سهڻي ڌرتي ريمينٽس پروگرام جو نالو ڏنو ويو آهي تحت ترغيب ۽ انعام ڏيڻ بابت سمري پيش ڪ??ي. ان پروگرام تحت قانوني ۽ بئنڪنگ ذريعن مان پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻو پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي انهن جي اُماڻيل ناڻي مطابق پوائنٽس ڏنيون وينديون. تفصيلي غور ويچار بعد اقتصادي رابطا ڪميٽي سفارشن جي پوائنٽس تي غور ڪندي ڪيش ادائيگي مستقل طور تي و??ن واپس ايندڙ اوورسيز پاڪستانين کي ڪئي ويندي. جڏهن ته ٻين اوورسيز پاڪستانين کي انهن پوائنٽس جي بنياد تي پي آءِ اي جي ٽڪيٽ ۽ موبائل فون ڊيوٽي جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. اجلاس ۾ قومي ۽ غذائي تحفظ ۽ تحقيق طرفان يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي ڊسمبر 2021ع تائين 2 لک 80 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فراهميءَ بابت سمري پيش ڪ??ي. اجلاس کي ٻُڌايو ته عبوري انتظامن تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي اڳ ئي 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ فراهم ٿي چڪي آهي، وڌيڪ هڪ لک 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پا??ڪو جي اسٽاڪ مان يا مقامي امپورٽ شده ڪڻڪ مان فراهم ڪئي ويندي. ان کان علاوه اي سي سي آزاد ڄمون حڪومت کي ملڪي ۽ امپورٽ شده ڪڻڪ جي ذخيرن مان فراهميءَ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڪابينه ڊويزن جي سمري تي مالي سال 2022ع لاءِ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز ٺاهڻ جي سلسلي ۾ 6.4 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني و??ي. اجلاس جي آخر ۾ ناڻي و??ارت طرفان ٽماٽن ۽ بصرن جي ايڪسپورٽ بابت سمري پيش ڪ??ي و??ي. تفصيلي غور ويچار بعد ناڻي و??ير جي قيادت ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي جوڙي و??ي. واپار واري و??ارت جلد خراب ٿيندڙ شين جي ماهوار امڪاني پيداوار، کپت ۽ واڌو پيداوار جي حوالي سان ڪميٽيءَ کي آگاهه ڪندي ۽ انهن شين جي ايڪسپورٽ جو فيصلو پڻ ذيلي ڪميٽي ڪندي.
وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس، سهڻي ڌرتي ريمينٽس پروگرام جي منظوري
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر