اسلام آ??اد – 25 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران ڪورونا وائرس سبب 64 فوتگيون ٿيون، جنهن مان 25 فوتگيون وينٽيلرز تي موجود مريضن جو هيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 361 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 64 ماڻهو فوت ٿيا جنهن مان 58 ماڻهو اسپتالن جڏهن ته 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 27 سيڪڙو، ??اه??ر ۾ 36 سيڪڙو، پشاور 19 سيڪڙو ۽ اسلام آ??اد ۾ 35 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 34 سيڪڙو، ميرپور 23 سيڪڙو، گجرات ۾ 61 سيڪڙو ۽ ??اه??ر ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 906 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 918، پنجاب ۾ 16 هزار 2، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 51، اسلام آ??اد ۾ 5 هز??ر 153، بلوچستان ۾ 579، گلگت بلتستان ۾ 361، آزاد ڪشمير ۾ 842 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 39 هزار 888 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 230 مريض آهن.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو