نيويارڪ – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آمريڪي ڪمپنين کي چيو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، جتي انهن جي لاءِ محفوظ ماحول، دلڪش منافعو ۽ ان جي سندن ملڪ ۾ منتقلي کي يقيني بڻايو و??ند??. پاڪستان آ??ريڪا بزنس ڪائونسل جي اهتمام هيٺ مانجهاندي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان 2025ع ۾ دنيا جي 20 وڏي معاشي طاقتن ۾ شامل ٿي و??ند??، ان جي 60 سيڪڙ?? آبادي 30 سال عمر کان گهٽ ۽ 10 ڪروڙ مڊل ڪلاس عوام تي ٻڌل هوندي. مانجهاندي ۾ وڏين آ??ريڪي ڪمپنين جي سربراهن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ هر قسم جو پوٽينشل موجود آهي، جنهن کي تسليم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آمريڪا جي نائب صدر مائيڪ پينس سان ٿيندڙ ملاقات لاڀائتي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی