گڏ??ل قومون-07 ڊسمبر (اي پي پي) گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ ۽ جنگ بندي جي اعلان لاءِ گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان عالمي اداري جي چارٽر جي آرٽيڪل 99 سان رابطو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن سلامتي ڪائونسل کي لکيل خط ۾ پارٽر جي باب XV جي آرٽيڪل 99 تي زور ڀريو. آرٽيڪل ۾ چيو ويو آهي ته گڏ??ل قومن جو سربراهه ڪنهن به معاملي تي سلامتي ڪائونسل ??و ڌيان ڏياري سگهي ٿو جنهن سان ان جي راءِ ۾ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو. اهو خط اربع جي صبح نيويارڪ ۾ سلامتي ڪائونسل ??ي صدر ڏانهن موڪليو ويو، خط سان گڏ صحافين کي ڏنل هڪ بيان ۾ گڏ??ل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ چيو ته 2017ع ۾ گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهريون موقعو آهي جڏهن گڏ??ل قومن جي سربراهه چارٽر 99 تي عمل جي اپيل ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهي، سيڪريٽري جنرل جي ترجمان وضاحت ڪئي ته گڏ??ل قومن جي سربراهه غزه ۽ اسرائيل ۾ ايتري ٿوري وقت ۾ انساني جانين جي نقصان تي انتهائي حد کي ڏسندي اهو قدم کڻي رهيو آهي، گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل سلامتي ڪائونسل ??ي صدر کي لکيل پنهنجي خط ۾ چيو ته اسرائيل ۽ فلسطيبن تڪرار سان مجموعي طور تي 8 هفتن کان وڌيڪ جنگ اسرائيل ۽ والاريل فلسطيني علائقي ۾ خوفناڪ انساني تباهي، مصيبتون ۽ اجتماي صدمي کي جنم ڏنو آهي، هن يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته غزه ۾ شهرين کي شديد خطرا درپيش آهن، جتي مبينه طور تي 15 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا جن ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار شامل آهن.غزه ۾ تقريبن 80 سيڪڙو ماڻهو بي گهر آهن، 11 لک کان وڌيڪ شهري گڏ??ل قومن جي پناهگير ا??جنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي پناهگاهن ۾ پناهه جا گهرجائو آهن.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ ۽ جنگ بندي جي اپيل
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado