رياض- 02 نومبر (اي پي پي)سعودي عرب ۾ جنرل فوڊ سيڪيورٽي اٿارٽي جي ترجمان خالد المشعان چيو آهي ته هڪ اندازي موجب ملڪ ۾ ساليانو 40 ارب ريال جي غذا ضايع ??يندي آهي. سعودي خابرو اداري موجب سعودي جنرل فوڊ سيڪيورٽي اٿارٽي جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته تازي سروي کانپوءِ غذا ضايع ??يڻ جي باري ۾ ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون آيا آهن، هن چيو ته مجموعي طو رتي 33 سيڪڙو غذا ضايع ??ي رهي آهي جنهن جي مجموعي قيمت 40 ارب ريال آهي، المشعان چيو ته گهرن، بيڪرين، ريسٽورنٽ، هوٽلن، ٿوڪ ۽ ريٽيل مارڪيٽن ۾ سڀ کان وڌيڪ کاڌو ضايع ??يندو آهي، هن چيو ته غذا جي ضايع ۾ چانور سڀني کان مٿي آهي. ان جو تناسب 31 سيڪڙو، ماني 25 سيڪڙو، آلو 14 سيڪڙو ۽ کجور 5.5 سيڪڙو ضايع ??ي رهي آهي، هن چيو ته غذا ضايع ??يڻ کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته کاڌو ضرورت موجب ۽ معقول مقدار ۾ خريد ڪيو وڃي.
ملڪ ۾ ساليانو 40 ارب ريال جي خوراڪ ضايع ٿي رهي آهي: سعودي جنرل فوڊ سيڪيورٽي اٿارٽي
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس