اسلام آباد -10 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي رياستي ڪائونسل جي انفارميشن آفيس بيلٽ اينڊ روڊ جي تعمير بابت وائ??ٽ پيپر جاري ڪري ڇڏيو آهي. اڱاري ڏينهن چين جي ميڊيا مطابق نئين دور لاءِ چين خاصيتن سان گڏ سوشلزم بابت چين جي صدر شي جن پنگ جي نظريات جي روشني ۾ هي وائ??ٽ پيپر منظم طريقي سان ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي گڏيل تعمير جي تاريخي پس منظر، ويزن، تجربن جي طريقيڪار، عملي ڪامياين ۽ عالمي اهميت جي وضاحت ڪري ٿو. گذريل 10 سالن ۾ ”بيلٽ اينڊ روڊ“ انيشيٽو جي ڪاميابين کي جامع طور متعارف ڪرائي ٿو ۽ ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي اعليٰ معيار جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۽ انسانيت جي هم نصيب معاشري جي تعمير لاءِ ٻين ملڪن سان شراڪت جي چين جي عزم ۽ قدمن جي وضاحت ڪري ٿو. وائ??ٽ پيپر 3 حصن ۽ اٽڪل 28 هزار لفظن تي ٻڌل آهي. مرڪز متن ۾ 5 حصا شامل آهن. پهريون چين کان شر??عات ۽ دنيا سان تعلق، ٻيو گڏيل ترقي ۽ خوشحالي واري راهه جي تعمير، ٽيون همه جهت ۽ ملٽي ڊومين ڪنڪٽيوٽ کي هٿي وٺائڻ، چوٿون عالمي امن ۽ ترقي ۾ هاڪاري توانائي، پنجون مستحڪم ۽ ڏور رس انداز ۾ بيلٽ اينڊ روڊ جي اعليٰ معيار جي گڏيل تعمير کي هٿي وٺائڻ شامل آهي. وائ??ٽ پيپر 8 ٻولين ۾ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيني، ا??گر??زي، فرينچ، رشين، جرمن، هسپانوي، عربي ۽ جاپاني شامل آهن.
چين طرفان بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي ڪاميابين بابت وائيٽ پيپر جاري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت