گڏيل قومون- 09 مارچ (اي پي پي) چين آمريڪا ۽ ٻين ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو افغان عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ افغانستان جا سمنڊ پار اثاثا فوري طور تي واپس ڪن. چيني خاب??و اداري موجب آگسٽ 2021ع ۾ آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ آمريڪا افغان مرڪزي بئنڪ جا 9.5 بلين ڊالر جا اثاثا منجمند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ان آمريڪي قدم کي ڪجهه ملڪن ڌاڙو هڻڻ جي برابر قرار ڏنو، گڏيل قومن ۾ چين جي نائب مستقل نمائندي گينگ شوانگ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته افغان عوام جا سمنڊ پار اثاثا افغان عوام لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته افغان اثاثن کي منجمند ڪرڻ بن?? جواز ۽ غير قانوني آهي، افغان عورتون ڪمزور بر??در?? آهي جيڪا ڪيترائي سال جنگ ۽ بحران ??بب وڌيڪ متاثر ٿي آهي، چيني نمائندي چيو ته عالمي رڪاوٽون ۽ پابنديون هٽائڻ کانسواءِ افغان عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن ۽ مفادن کي تحفظ حاصل نٿو ڪري سگهجي. هن زور ڀريو ته هڪطرفيون پابنديون مقامي عورتن ۽ ٻارن جي بقاءُ ۽ ترقي لاءِ شديد مشڪلاتن جو ??بب بڻجي چڪيون آهن ۽ انهن کي بن?? دير جي ختم ڪرڻ گهرجي.
آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ افغان عورتن جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ افغانستان جا سمنڊ پار اثاثا فوري طور تي واپس ڪن: چين
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون