واشنگٽن-19 جنوري (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته پاڪستان کي اقتصادي لحاظ کا?? مستحڪم ڏسڻ جا خواهشمند آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس روزانو جي بنياد تي ٿيل پريس بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان جي حڪومت آءِ ايم ايف ۽ ٻين عالمي ادارن سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. هن پاڪستان جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا گهٽ ٿيڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته هي هڪ ??ئل??نج آهي. هن چيو ته هو ڄاڻي ٿو ته پاڪستان آءِ ايم ايف ۽ ع??لمي مالياتي ادارن سان ڪم ڪري رهيو آهي. اسان پاڪستان کي اقتصادي لحاظ کا?? مستحڪم پوزيشن تي ڏسڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ??يس??ائين هو سمجهي ٿو ته پاڪستان جي آءِ ايم ايف ۽ ع??لمي مالياتي ادارن سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، اسان پنهنجي پاڪستاني شراڪتدارن جي حمايت ڪريون ٿا پر آخرڪار هي پاڪستان ۽ ع??لمي مالياتي ادار ن جي وچ جو معاملو آهي. ترجمان پاڪستان جي مالياتي ??ئل??نجز تي آمريڪي قدمن تي دٻاءُ وِجهندي چيو ته اسان جو پاڪستاني شراڪتدارن سان ڳالهين ۾ اڪثر فني مسئلا پيش هوندا آهن. اڪثر وقت هي مسئلا ناڻي کاتي ۽ اسان جي پاڪستاني شراڪتدارن وچ ۾ حل ڪيا وڃن ٿا پر پرڏيهي کاتو ۽ اسان هم منصبن وچ ۾ ڳالهين جو موضوع پاڪستان جو ميڪرو اڪنامڪ استحڪام آهي.
پاڪستان کي اقتصادي لحاظ کان مستحڪم ڏسڻ جا خواهشمند آهيون: آمريڪي پرڏيهي کاتي جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا