اسلام آبا?? – 16 – مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت اسلامو فوبيا جي ازالي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو، پوري مسلمان امت کي اسلامو فوبيا جي ازالي جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پي ٽي آءِ سدائين عوامي امنگن جي نمائندگي ڪئي آهي جنهن جي ڪري هر محاذ تي ڪاميابي ٿي، عوامي حمايت جي ڪري موجوده سياسي محاذ تي به اسان کي ڪاميابي ٿيندي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي ميمبرن مخدوم زين حسين قريشي، محمد ابراهيم خان، طاهر اقبال، اورنگزيب خان، رياض فتيانه، سردار نصر الله دريشڪ، نجيب هارون، سردار محمد خان لغاري، عاصمه قدير ۽ جويريه ظفر و??ير??عظم سان ملاقات ڪئي. سنڌ مان قومي اسيمبلي جا ميمبر صائمه نديم، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر رابعيه اظفر ۽ پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري مبين جتوئي ۽ ارسلان گهمڻ به ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقاتن ۾ وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، مخدوم خسرو بختيار، سيد علي زيدي، خصوصي صلاحڪار عامر ڊوگر به ملاقات ۾ موجود هئا، پارليامينٽ جي ميمبرن و??ير??عظم کي گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا کي روڪڻ جي حوالي سان قرارداد منظور ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني، و??ير??عظم چيو ته اسان جي حڪومت اسلامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ هر فورم تي آواز کنيو، اسان جون ڪوششون عالمي سربراهن سميت روسي صدر پيوٽن ۽ ڪينيڊا جي و??ير??عظم جسٽن ٽروڊو به اسلامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ آواز اٿاريو. سڄي مسلمان دنيا کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. و??ير??عظم چيو ته پي ٽي آءِ سدائين عوامي امنگن جي نمائندگي ڪئي آهي. جنهن جي ڪري هر محاذ تي ڪاميابي سان همڪنار ٿي، عوامي حمايت جي ڪري موجوده سياسي محاذ تي به اسان کي ڪاميابي ٿيندي. ملاقاتن ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، سياسي معاملا به غور هيٺ آيا. و??ير??عظم قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.
اسان جي حڪومت اسلامو فوبيا جي ازالي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania