اسلام آباد – 05 ڊس??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جهلم جي بهادر فرزند ميجر محمد اڪرم شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيد?? پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر محمد اڪرم شهيد حب الوطني جي جذبي، جنگي فهم ۽ فراست ۽ انساني حوصلن جو معراج هو. ميجر محمد اڪرم شهيد جي 50 هين شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ميجر محمد اڪرم شهيد 1971ع جي جنگ دوران اوڀر پ??ڪس??ان جي علائقي حلي جي محاذ تي سمورين مشڪلاتن جي باوجود دشمن جو عزم ۽ حوصلي سان مقابلو ڪيو ۽ 5 ڊس??بر 1971ع تي ڀارت جي خلاف بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي. هن چيو ته پوري قوم جهلم جي بهادر فرزند ميجر محمد اڪرم شهيد کي خراج عقيد?? پيش ڪري ٿي، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس عظيم قرباني کي سدائين ياد رکيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل