اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ا??لام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿي?? گهرجي، اسلام اسان کي امن جو درس ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي پرامن دنيا جي لاءِ اڻٽر آهي، نبي ڪريم ﷺ رحمت اللعالمين آهي، وزيراعظم عمران خان سچو عاشق رسول ﷺ آهي، حڪومت اسلامو فوبيا جي حوالي سان عالمي سطح ت?? آواز بلند ڪيو. اها ڳالهه هن بين الاقوامي بين المذاهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته ا??لام تلوار سان پکڙيو، صوفين اسان کي اسلام جي عظيم مذهب کان اسان کي روشناس ڪرايو. هن چيو ته ا??لام اسان کي امن جو درس ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي پرامن دنيا لاءِ اڻٽر آهي، هن چيو ته سياست ۾ هر شيءَ کي ٽوڙي مروڙي ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، اسان وٽ هتي به اهڙا مسئلا موجود آهن، اسلام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿي?? گهرجي، چوڌري فواد حسين چيو ته ان کان وڏو ظلم ڪو ٿي نٿو سگهي ته ٻن??ي جهانن جي سرڪار ﷺ جي نالي کي ننڍن ننڍن ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي، هن چيو ته مذهب جي نالي تي شدت پسندي کي رد ڪرڻ اسان جو فرض آهي، ان ڏس ۾ عالم سڳورن کي قومي سطح ت?? پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? گهرجي، ٻاهرين عملن تي ڳالهه ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، هن بين المذاهب امن ڪانفرنس جي انعقاد تي مذهبي معاملن واري وزارت ۽ ٻين منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪئي.
اسلام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی