اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڇاتيءَ جي ڪينسر، ان جي جلد تشخيص ۽ علاج بابت عورتن ۾ شعور اجاگر ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مرض بابت مڪمل آگاهي ۽ وقت سر علاج سان قيمتي انساني جانيون بچائي سگهجن ٿيون. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي مهم بابت اجلاس جي وڊيو لنڪ ذريعي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ و??ير??عظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صحت وارن صوبائي وزيرن، پاڪستان ۾ ڊبليو ايڇ او جي نمائندي، بلوچستان ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽرين ۽ پمز ۽ شفا انٽرنيشنل اسپتال جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته تعليم ۽ آگاهي جي گهٽتائي جي ڪري پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري موت جي شرح اٽڪل 50 سيڪڙو آهي جيڪا ڪافي ڳڻتي جوڳي آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ان ڳالهه تي زور ??نو ته عورتون ڊاڪٽرن کي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان عورت ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ باقاعده سيشن منعقد ??رڻ گهرجن ته جيئن ان مرض بابت آگاه?? پيدا ٿئي. هن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪيسز بابت ڊيٽا گڏ ??رڻ جي لاءِ مرڪزي ۽ صوبائي سطح تي رجسٽري قائم ??رڻ جي ضرورت تي پڻ زور ??نو ته جيئن حڪومت بيماري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مناسب قدم کڻي سگهي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ملڪ جي عورتن کي غذائيت جي کوٽ سميت صحت جا ڪيترائي مسئلا درپيش آهن جن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرن جي ضرورت آهي. گذريل سال آڪٽوبر ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاه?? پيدا ??رڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيندي صدر اميد ظاهر ڪئي ته هن سال به ميڊيا اهڙي طرح جو فعال ڪردار ادا ڪندي ته جيئن ماڻهن کي ان بيماري بابت مڪمل طور تي آگاهه ڪري سگهجي. صوبائي حڪومتن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جلد تشخيص ۽ علاج جي لاءِ پنهنجي صوبن ۾ دستياب سهولتن بابت صدر کي آگاهه ڪيو. اجلاس ملڪ جي ضرورتن کي پورو ??رڻ جي لاءِ صحت ۽ نگهداشت جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون.
ڇاتيءَ جي ڪينسر، ان جي جلد تشخيص ۽ علاج بابت عورتن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر