اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفاعي شعبي سميت لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي، اسلام دشمني جهڙن وڏن چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسلامي دنيا کي اتحاد جي ضرورت آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان قبرص جي معاملي تي ترڪي جي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪي جي دفاع واري وزير جنرل (ر) خلوصي آقار سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ آهي، ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي شعبي سميت لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي، هن چي?? ته پاڪستان ۽ ترڪي عالمي معاملن تي هڪجهڙا خيال رکن ٿا، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ سڀني عالمي فورمن تي مڪمل تع??ون آهي، صدر چي?? ته اسلامي دنيا کي مختلف مسئلا ۽ ڳنڀير حالتون درپيش آهن. اسلام دشمني جهڙن وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلامي دنيا کي اتحاد جي ضرورت آهي، پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي جنگ سبب سخت متاثر ٿيو. هن چي?? ته افغانستان ۾ امن جي قيام جو سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان کي پهچن??و، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان قبرص جي معاملي تي ترڪي جي حمايت جاري رکن??و، صدر ڪشمير ۽ ايف اي ٽي ايف ۾ پ??ڪستان جي حمايت تي ترڪي جو ٿورو ادا ڪيو. ترڪ دفاع واري وزير ترڪ صدر رجب طيب اردوان پاران صدر عارف علوي کي ترڪي جي دوري جو دعوت نامو پيش ڪيو، ترڪ دفاع واري وزير چي?? ته ٻنهي ڀائرن ملڪن کي گڏيل مفاد جي معاملن تي گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي ضرورت آهي. ترڪي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي حمايت جاري رکن??و، هن چي?? ته ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ فوجي تربيت سميت ٻين دفاعي شعبن ۾ تع??ون وڌائڻ جي ضرورت آهي.
پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفاعي شعبي سميت لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena