اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بدقسمتي سان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان تي اشرافيه ۽ ايليٽ گروپ قابض رهيا جنهن جي ڪري خطي ۾ اسان جو ملڪ پوئتي رهجي ويو، 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان مٿي وڃي رهيو هو پر ان کانپوءِ اهڙيون حڪومت??ن آيون جنهن ادارن کي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري ملڪ کي نقصان پهچايو، قانون جي عملداري ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي ضامن هوندي آهي، قانون جي حڪمراني ۽ ان??اف کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگ??ي، پاڪستان ۾ امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قان??ن آهي، وزيراعظم عمران خان جو ڪو به ذاتي ڪاروبار ناهي، هو ملڪ کي ان رخ طرف وٺي وڃي رهيو آهي جنهن جو خواب 1940ع ۾ اسان جي ڏاهن ڏٺو هو، 70 سال جي بگاڙ کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون، تنهن هوندي به پاڪستان کي ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ جي مشن ۾ هر هڪ ??ي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، مريم نواز ڪڌا حربا استعمال ڪري احتساب کان نٿي بچي سگ??ي، کيس گهرجي ته هو قانون جو احترام ڪري ۽ سوالن جا جواب ڏي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ک?? ماڻهو نه پر ادارا هلائيندا آهن، ماضي جي حڪمرانن ادارن کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪري کين ڪمزورڪيو ۽ ميرٽ جون ڌڄيون اڏايون، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن اقتدار ۾ اچي عوام ۽ مڪ جي خدمت بدران ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني جنهن جي ڪري اسان جو ملڪ پوئتي هلي ويو، شبلي فراز چيو ته جنهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ وزير ڪاروبار ڪندا آهن اهو ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگ??ي ٿو، وزيراعظم عمران خان جو ڪو ذاتي ڪاروبار نه آهي، ان جي ولوله انگيز قيادت ۾ تحريڪ ان??اف حڪومت ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته اڳوڻين حڪومتن خالي خزاني ۽ ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڇڏي ويون هيون، انهن ماڻهن عوام کي صحت، تعليم جي بنيادي ۽ معياري سهولتون فراهم ڪرڻ بدران اهڙا منصوبا لڳايا جنهن مان انهن ڪڪ بيڪس ۽ ڪميشن حاصل ڪيا، موجوده حڪومت اهڙا قدم کڻي رهي آهي جنهن سان هيومن ڊولپمينٽ ٿي سگ??ي ته جئين هر ڪو ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگ??ي،
پاڪستان تي اشرافيه قابض رهي جنهن جي ملڪ پوئتي رهجي ويو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی