اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جن??ل آف پاڪستان ج?? اداري کي چيو آهي ته بهتر مالي انتظام ۽ خدمتن ج?? فراهمي ۾ بهتري لاءِ بهترين عالمي معيار ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي آڊٽ جي نظام کي مستحڪم بڻايو وڃي، اداري جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيت?? ۾ ??ضافي لاءِ ڊي اي جي پي آفيسرن لاءِ بهترين تربيتي پروگرام ۽ خصوصي تربيت جو اهتمام ڪرڻ جي ضرورت ??هي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن آڊيٽر جن??ل آف پاڪستان جاويد جهانگير سان ڳالهائيندي ڪيو. آڊيٽر جنرل صدر کي اداري ۾ سڌارن ج?? عمل تي بريفنگ ڏني. هن سرڪاري ادارن ۾ مالي شفافيت کي يقيني بڻائڻ، احتساب ۾ اضافي ۽ آڊٽ ۾ بهتري لاءِ کنيل قدمن بابت اجاگر ڪيو. بريفنگ ۾ اداراجاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت ??سين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل آڊيٽر جن??ل آف پاڪستان فرخ حميد ۽ ناڻي واري وزارت وارو سينئر جوائنٽ سيڪريٽري عامر محمود به موجود هو. صدر چيو ته بهتر مالياتي انتظام ۽ خدمتن ج?? فراهمي لاءِ آڊيٽر جن??ل آف پاڪستان ج?? اداري کي جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪ??ڻي پوندي. بدعنواني جي خاتمي ۽ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ پوري آڊٽ عمل کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻو پوندو.
بهتر مالي انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري لاءِ آڊٽ جو نظام مستحڪم بڻايو وڃي: صدر
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena