ڪويت سٽي – 29 ڊسمبر(اي پي پي) ڪويت ۽ مصر ۾ ڪورونا وائرس جي نئين ويرينٽ جي تصديق ٿي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي ملڪن جي صحت وارين وزارتن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي نئين ويرينٽ (جي اين ون) جا ڪيترائي ڪيس ريڪاڊ تي آيا آهن ج??هن ته ان حوالي سان ڳ??تي جي ڪا به ڳالهه نه آهي، ڪويت جي صحت واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ان قسم جو ويرينٽ سامهون اچڻ جو امڪان نه هو ج??هن ته ان حوالي سان ڪا پريشاني جي ڳالهه نه آهي،ج??هن ته ان وائرس جو شڪار پاڻ کي ٻين کان ڌار رکي ۽ مقرر ??حتياطي اپائن تي عمل ڪري. ٻئي پاسي مصر جي صحت واري وزارت چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي نئين ويرينٽ جي ڪيس جي تصديق ٿي آهي جيڪو جي اين ون آهي، متاثر مريضن جي حالت بهتر آهي ڪنهن اسپتال ۾ داخل نه آهن.
مضمون کا ماخذ : گرم گرم