اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي ۽ علائقائي معاملن جي ماهرن ۽ تجزيڪارن اسلام آباد ۾ ٿيندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهه اجلاس کي پاڪس??ان لاءِ ميمبر ملڪن سان گڏ پنهنجي اقتصادي ۽ سفارتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ گڏيل حڪمت عملي تي اتفاق ڪرڻ جو اهم موقعو قرار ڏنو آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جو 23هون ٻن ڏينهن وارو سربراهه اجلاس 15 کان 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جو قيام 2001ع ۾ عمل ۾ آيو، ان جا 9 ميمبر ملڪ آهن جن ۾ چين، روس، بيلا روس، ڪرغزستان، قازقستان، ۽ ازبڪس??ان شامل آهن جڏهن ته پاڪستان، هندس??ان ۽ ايران 2017ع ۾ تنظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي. شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس جي تياري لاءِ پاڪس??ان حڪومت سخت حفاظتي قدم کنيا آهن. ايونٽ دوران امن ۽ امان جي صورتحال برقراررکڻ ۽ سيڪيورٽي قدمن کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوجي جٿن سان گڏ هزارين پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. علائقائي معاملن جي ماهرن ۽ تجزيڪارن جو چوڻ آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم پاڪس??ان لاءِ هڪ اهم سفارتي ۽ معاشي موقعو فراهم ڪري ٿو. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي اسلام آباد ۾ عالمي لاڳاپن جي ماهر محمد تيمور خان چيو آهي ته سربراهه اجلاس پاڪس??ان لاءِ واضح ڪرڻ جو هڪ بهترين موقعو آهي ته هو ڪنهن طرح به سيڙپڪاري کي راغب ڪري سگهي ٿو ۽ علائقائي رابطن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته ان سان پاڪس??ان کي پنهنجي معاشي ۽ جاگرافيائي سياسي مفادن کي وسيع تر سطح تائين اڳيان وڌائڻ جو موقعو ملندو، جيڪو علائقائي امن، سلامتي ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ وارين پاليسين جي حمايت ڪندو. انهن رابطن ذريعي پاڪس??ان نه رڳو اهم علائقائي رانديگرن سان پنهنجا لاڳاپا مضبوط بڻائي سگهي ٿو پر وسيع تر يوريشين رابطن جي قدمن ۾ پاڻ کي هڪ اهم ڪري طو?? به پيش ڪري سگهي ٿو. تجزيڪارن جو خيال هو ته شنگهائي سهڪار تنظيم هڪ وڏو پليٽ فارم آهي ۽ هي نه رڳو خطي پر پوري دنيا ۾ تبديلي آڻي سگهي ٿو، سينئر صحافي افتخار شيرازي ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪس??ان جيڪو دنيا جو پنجون سڀ کان وڏو آبادي وارو ملڪ آهي ۽ عالمي واپار لاءِ ان جي اسٽريٽجڪ بيهڪ پنهنجي عوام لاءِ موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ ان جي اهميت کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سلامتي جا معاملا ۽ موجوده علائقائي دهشتگردي تي ڳالهيون به ان اجلاس ۾ اهم هونديون. گڏيل قومن جي هڪ نئين رپورٽ مطابق تحريڪ طالبان پاڪس??ان افغانس??ان ۾ سڀ کان وڏو دهشتگرد گروهه آهي ۽ ان کي پاڪس??ان ۾ سرحد پار کان حملا ڪرڻ لاءِ افغان طالبان جي وڌندڙ حمايت حاصل آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪس??ان ۾ جيو اسٽريٽجڪ سان جيو اڪنامڪ فوڪس طرف منتقل ٿيڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم جو اهو اجلاس پاڪس??ان لاءِ ان حڪمت عملي کي اڳيان وڌائڻ ۽ واضح ڪرڻ جو هڪ موقعو هوندو. عالمي مالياتي معاملن جي محقق منيب سلمان چيو ته هي ڪانفرنس هڪ اهم ڪانفرنس هو??دي?? خاص طور سي پيڪ تي اڳ کان ڪم کي نظر ۾ رک??دي?? وچ ايشيا سان گڏ پاڪس??ان لاءِ اهميت رکي ٿو. ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪس??ان ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفو واپار اٽڪل 20 ارب ڊالرن آهي پر پاڪس??ان جو وسيلن سان مالا مال وچ ايشيا سان ڳنڍڻ هڪ پراڻو عزم آهي. اجلاس ۾ چين جو وزيراعظم لي چيانگ، روس جو وزيراعظم ميڪ هيل ميشوسٽن، بيلا روس جو وزيراعظم رومن گولو فچينڪو ۽ ايران جو پهريون نائب صدر رضا عارف شريڪ ٿيندا. قزاخس??ان جو وزيراعظم اولزاس بيڪ تينوف، ڪرغزس??ان جو اڪيل بيڪ جاپاروف، تاجڪس??ان جو ڪهير رسول زوده ۽ ازبڪس??ان جو عبدالله اريپوف به اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. ڀارت جو پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪندو.
شنگهائي سهڪار تنظيم جو سربراهه اجلاس پاڪستان لاءِ ميمبر ملڪن سان گڏ سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو آهي: عالمي ۽ علائقائي ماهر
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری