اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان معاشي بحالي ۽ ترقي جي سفر تي گامزن آ??ي، ملڪ کي غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ پ??ڪشش بڻائي رهيا آهيون، حڪومت سرڪاري ادارن ۾ سڌارن ۽ عوامي خدمتن سميت ٻين معاملن کي بهتر ڪري رهي آهي. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ سعودي ع??ب بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. فورم ۾ اعليٰ سطح جي سعودي وفد جي شاندار آجيان ڪئي وئي. جنهن جي قيادت سعودي ع??ب جي سيڙپڪاري وارو وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح ڪري رهيو آهي. وفد ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبن جا نمائندا شامل آهن. سعودي ع??ب جو وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ ۽ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ آهي. نائب وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن ۽ گهري دوستي جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل مذهبي رشتن، قدرن ۽ علائقائي استحڪام جي ع??م تي ٻڌل آهن. هن چيو ته سعودي وفد جو اهو دورو هڪ اهم وقت تي ٿي رهيو آهي، جڏهن پاڪستان معاشي بحالي ۽ ترقي جي سفر تي گامزن آ??ي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اهم سڌارن جو م??صد نجي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ عوامي خدمتن کي وڌائڻ آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو نئون اقتصادي پروگرام جنهن کي آءِ ايم ايف جي حمايت حاصل آهي، آسان محرڪ کان هٽي ماضي جي پاليسين سان تبديلي جي نمائندگي ڪري ٿو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اها پيداواري صلاحيت چٽاڀيٽي کي وڌائڻ ۽ نجي سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سڌارن تي ڌيان ڏي ٿو. هن چيو ته حڪومت سرڪاري ادارن ۾ سڌارن ۽ عوامي خدمتن سميت ٻين معاملن کي بهتر ڪري رهي آهي. جڏهن ته مائيڪرو اڪنامڪ پ??ليسين جنهن ۾ مٽاسٽا جي شرح ۽ ناڻي واڌ تي ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيون آ??ن. نائب وزيراعظم چيو ته مشڪل فيصلن جي باوجود اهي تبديليون اڳ ۾ ئي مثبت نتيجا ڏئي رهيون آ??ن، جنهن ۾ ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي، پاڪستان کي غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ پ??ڪشش بڻائڻ ۽ مستقبل جي لاءِ هڪ مضبوط وڌيڪ مستحڪم معيشت جي تعمير شامل آهي. نائب وزيراعظم کاڻين جي کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ قابل تجديد توانائي جهڙن شعبن ۾ پاڪستان جي صلاحيتن جو ذڪر ڪندي سعودي سيڙپڪارن کي انهن منافعو ڏيندڙ موقعن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. سينيٽر محمد اسحاق ڊار يقين ظاهر ڪيو ته سعودي ع??ب جي اعليٰ سطح جي وفد جو دورو ۽ انهن جون مصروفيتون ٺوس نتيجن جو سبب بڻجنديون جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿيندي. تقريب کي سعودي ع??ب جي وفد ۾ شامل سيڙپڪاري واري وزير ۽ پاڪستان ۾ سعودي ع??ب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي پڻ خطاب ڪيو.
پاڪستان معاشي بحالي ۽ ترقي جي سفر تي گامزن آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار