ڪوئيٽا – 29 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن بابت عوامي نمائندن معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملن جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪندي دهشتگ??دي جي خاتمي جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي ??دا??ت ۾ بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن بابت سمورن عوامي نمائندن جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شرڪت ڪئي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران سردار يعقوب خان ناصر ۽ سردار عبدالرحمان کيتران، پاڪستان پيپلزپارٽي پ??ران ظهور احمد بليدي ۽ مينا بلوچ، نيشنل پارٽي پ??ران ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، رحمت صالح بلوچ ۽ مير ڪبير محمد، بلوچستان عوامي پ??رٽي پ??ران خالد حسين مگسي ۽ صادق سنجراڻي، عوامي نيشنل پارٽي پ??ران زمرڪ خان اچڪزئي ۽ مسٽر اصغر، جمعيت علماءِ اسلام پاران مولانا عبدالواسيع ۽ يونس زهري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سياسي پ??رٽين جي سربراهن بلوچستان جي عوامي مسئلن بابت وزي??اع??م کي آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ دهشتگردن جي خلاف جاري آپريشنز جو جامع جائزو ورتو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن بلوچستان ۾ تازي دهشتگ??دي جي متاثرين جي پونئيرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وڌيڪ معصوم جانين جي زيان کي روڪڻ جي لاءِ وقت سر جواب ڏيڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. اجلاس ۾ معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملن جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ دهشتگ??دي جي خاتمي جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو ويو.
بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن بابت عوامي نمائندن پاران معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا