اسلام آباد-23 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن وا??و وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ترڪيه سان هوابازي جي شعبي ۾ تعاون پاڪ ترڪيه ٻطرفن لاڳاپن جو اهم حصو ۽ ??اڪ??ت??ن جي هوابازي جي صنعت کي ترقي ڏيڻ جي حوالي سان وزيراعظم جي ويزن موجب آهي. هن اها ڳالهه ترڪيه جي پيگاسز ايئر لائنز جي چيئرپرسن مهمت ٽي نان سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي لڪي سيمنٽ لميٽيڊ جو سي اي او محمد علي ٽبه به موجود هو. مهمت ٽي نان ترڪيه جي هوابازي جي صنعت جي حڪمت عملي جو عمومي جائزو پيش ڪيو ۽ هُن اهم رخن تي روشني وڌي جيڪي ??اڪ??تان ۾ هوابازي جي شعبي کي فائدو پهچائي سگهن ٿا. هن چيو ته ??اڪ??تان پنهنجي اي??ي ايشن انڊسٽري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ترڪيه جي تجربي ۽ مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. سينيٽر محمد اورنگزيب ترڪيه جي واپار واري وزير سان هاڻوڪي ملاقات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ ڌرين واپار ۽ ڪاروباري تعاون جي مختلف طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته هي ملاقات ??اڪ??تان ۽ ترڪيه وچ ۾ اي??ي ايشن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي وسيع حڪمت عملي جو حصو آهي.
ترڪيه سان هوابازي جي شعبي ۾ تعاون پاڪ ترڪيه ٻطرفن لاڳاپن جو اهم حصو آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ