شينزن – 05 – جون (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان سن و??ڪ گروپ جي وفد شينزن، چين ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڊيجيٽلائيزيشن، ٽيلي ڪام انفراسٽرڪچر ۽ فائبرائزيشن جي ??وا??ي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. سن واڪ وفد آءِ ٽي واري مملڪتي وزير کي گروپ جي پاڪستان ۾ نيشنل آپٽيڪل فائبر پراجيڪٽ جنهن جي شروعات 2021ع ۾ ٿي، تي بريف ڪيو. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت پاران جاري بيان موجب آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سن و??ڪ گر??پ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ ان ??وا??ي سان مستقبل جي منصوبابندي کي ساراهيو. شزه فاطمه خواجه چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن جي لاءِ آپٽيڪل فائبر ڪيبل نيٽ ورڪ تمام اهم آهي، موجوده حڪ??مت سڄي ملڪ ۾ معياري ٽيلي ڪام سروسز جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن سن و??ڪ گر??پ کي ان جي مستقبل جي قدمن ۾ پاڪستان حڪ??مت جي تعاون جي خاطري ڪرائي. ٻئي طرف ناليواري ٽيڪنالاجي ڪمپني زيڊ ٽي اي جي ٽيم آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشنز ٽيڪنالاجي سلوشنز، انوويشن ۽ ڪنيڪٽيويٽي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۾ ڊيوائس مينوفيڪچرنگ فيڪٽري، فائبرائزيشن فيڪٽري ۽ ڊيٽا سينٽرز قائم ڪرڻ جي ??وا??ي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.
آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان سن واڪ گروپ جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر