اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران گڏيل مفاد جي مخطتلف شعبن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار جي ڪاٿي کي 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي ??اء?? ٻطرفي واپاري مڪينزم کي فعال ڪرڻ ۽ خطي کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي ??اء?? گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ان ڳالهه جو اظهار صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان ??ي دوري تي آيل ايراني صدر ??اڪ??ر سيد ابراهيم رئيسي جي وچ ۾ ايوان ??در ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪيو ويو. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ايراني هم منصب سيد ابراهيم رئيسي جو ايوان ??در اچڻ تي استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اهم علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ اڳڀرائي خاص طور تي وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف علي زرداري غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ غزه جي عوام جي خ??اف اسرائيل جي فوجي جارحيت جي شديد مذمت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان فلسطيني ڪاز جي مستقل ۽ واضح حمايت جاري رکندو. ٻنهي صدرن غزه جي عوام تي اسرائيلي ڏاڍ جي خاتمي، انساني امداد ۾ اضافي جي ??اء?? عالمي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ايران ??ي وچ ۾ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ??يران لاڳاپن کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر عام چونڊن کانپوءِ پاڪستان ??و دورو ڪندڙ پهرين ملڪي سربراهه هجڻ تي ??اڪ??ر سيد ابراهيم رئيسي جا ٿورا مڃيا. هن اصولي موقف ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ۽ انهن جي خ??دمختياري جي حق جي مسلسل حمايت تي ايران کي ساراهيو. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ٻطرفو واپار 10 ارب ڊالر جي سطح تائين وڌائڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. ايراني صدر ??اڪ??ر سيد ابراهيم رئيسي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفا لاڳا وڌيڪ وسيع ۽ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي مفاد ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايران ??ي صدر غزه ۾ جاري انساني بحران ??ي دوران فلسطيني ڀائرن جي ??اء?? پاڪستان ??ي مسلسل حمايت کي ساراهيو. بعد ۾ صدر آصف علي زرداري ايراني صدر جي اعزاز ۾ آجياڻي جو پڻ اهتمام ڪيو.
پاڪستان ۽ ايران پاران گڏيل مفاد جي مخطتلف شعبن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ، واپار جي ڪاٿي کي 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ ٻطرفي واپاري مڪينزم کي فعال ڪرڻ ۽ خطي کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل