اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٻين ملڪن سان پاڪستان جي فضائي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چ??و آهي ته عوامي رابطا وڌائي پاڪستان جي سياحتي شعبي جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ ايئر ايشيا ايوي ايشن ????وپ جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، ملڪ ۾ سياحت خاص طور تي مذهبي سياحت جا وسيع امڪان موجود آهن. صدر چيو ته پاڪستاني اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. آصف علي زرداري چ??و ته سيڙپڪار پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. وفد صدر کي ايئر ايشيا ايوي ايشن ????وپ ۽ ان جي فلائيٽ آپريشنز بابت ٻڌايو.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز