اسلام ??با?? – 26 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ صوبن جي ل??ءِ 25 ارب رپيا ۽ اسلام ??با?? جي ل??ءِ 70 ڪروڙ رپين جو پراجيڪٽ منظور ڪيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته پاڪست??ن ايجوڪيشن اسٽيٽسٽڪس جيڪو تعليم واري وزارت جي ماتحت ادارو آهي، ملڪ ۾ هر 5 ??الن کانپوءِ سروي ڪرائي ٿو ته ڪيترا ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، گذريل سروي 17 – 2016ع ۾ ٿي هئي. ان کانپوءِ 22 – 2021ع ۾ سروي ڪئي جنهن ۾ رڳو اسلام ??با?? جا انگ اکر سامهون رکندي 81 هزار ٻارن مان 71 هزار ٻار واپس اسڪولن ۾ اچي ويا هئا جنهن جو تناسب 86 سيڪڙو بڻجي ٿو. هن چيو ته صوبن کي ان حوالي سان فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، 18 هين ترميم کانپوءِ تعليم جو شعبو صوبن ڏانهن واپس هليو ويو آهي ۽ هاڻي اها انهن جي ذميواري آهي ته اهي اسڪولن مان جيترا ٻار ٻاهر آهن انهن کي واپس آڻين. هن چيو ته وفاقي حڪومت پوري ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ پي ايس ڊي پي تحت 25 ارب رپيا ??کي?? آهن ۽ اسلام ??با?? جي ل??ءِ 70 ڪروڙ رپيا ??کي?? ويا آهن.
حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ صوبن جي لاءِ 25 ارب رپيا ۽ اسلام آباد جي لاءِ 70 ڪروڙ رپين جو پراجيڪٽ منظور ڪيو آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری