ڪراچي- 22 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي تعليمي امتحانن ۽ سڃاڻپ واري نظام کي جديد ٽيڪنالاجي جي دور سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ب??يا??ي تبديلين جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. امتحان ۽ تشخيص تعليمي نظام جا ٿنڀ آهن ۽ اسان کي انهن قدمن کي اختيار ڪرڻو پوندو جيڪي تنقيدي سوچ، تخليقي صلاحيتن ۽ علم جي حوصلا افزائي ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن انٽر بورڊ ڪوآر??ين??شن ڪميشن (آءِ بي سي سي) جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان ۾ امتحان ۽ تشخيص جو نظام“ جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. مدد علي سنڌي چ??و ته وسيع تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي آمد سان سڄي دنيا ۾ تعليمي منظرنامو تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي امتحانن ۽ تشخيصي نظ??م ۾ ان موجب ضروري تبديليون آڻي. تشخيص ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي اهميت تي روشني وجهندي وفاقي وزير چ??و ته امتحان ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جو ??ستعمال تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏي سگهي ٿو. هن نظ??م ۾ انصاف، ديانت ۽ شفافيت جي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. مدد علي سنڌي چ??و ته پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ معياري تعليم کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي جڏهن ته ٽي ب??يا??ي عمل بهتر نصاب، تربيت يافته استاد ۽ سازگار ماحول کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي مايوسي جو ??ظهار ڪ??و ته ماضي ۾ تعليم جي اهم ترين شعبي تي اڳوڻين حڪومتن جي پاليسين ۽ سياسي پارٽين جي چونڊ منشور ۾ مناسب ڌيان نه ڏنو ويو. هن چ??و ته هاڻي جڏهن قوم عام چونڊن طرف وڌي رهي آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي پنهنجي منشور ۾ تعليم، معيشت، پيئڻ جو ??اف پاڻي ۽ صحت کي ترجيح ڏيڻي پوندي ڇاڪاڻ ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ انهن جي ذميواري آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته امتحانن ۽ تشخيص بابت ڪانفرنس سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي مستقبل جي چئلينجز تي بحث ۽ مباحثي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪندي ۽ ملڪ جي تعليمي نظ??م ۾ اهم تبديليون آڻن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.
تعليمي امتحان ۽ سڃاڻپ جي نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ بنيادي تبديلين جي ضرورت آهي:مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : sorteios quina