اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سازگار ماحول ۽ بهتر سهولتن جي ??راهمي کي راندين ۽ سياحت جي ترقي جي ??اءِ اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ راندين ۽ ايڊونچر ٽوئرازم جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، موثر ضابطي ۽ بهتر انفراسٽرڪچر جي ذر??عي ملڪ ۾ سياحت جي شع??ي کي فروغ ڏئي سگهجي ??و. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ٽئين پائيدار مائونٽين اسپورٽس ٽوئرازم ڪانفرنس جي ??ڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ”ريوائيول آف مائونٽين گلوري“ جي عنوان سان ٿيندڙ تقريب جو اهتمام الپائن ڪلب آف پاڪستان ڪيو هو. تقريب ۾ ثمينه بيگ، نائلا ڪياني ۽ ساجد سدپاره سميت ملڪ جي ??اليوارن جبل چاڙهوئن پڻ شرڪت ڪئي جن دنيا جون بلند ترين چوٽيون سر ڪري ??ائٽل کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. صدر چيو ته قدرت پاڪستان کي ناقابل يقين حد تائين پرسڪون حسن سان نوازيو آهي خاص طور تي ملڪ جا اتريان علائقا جتي جبل ۽ برفيليُون چوٽيون سياحن ۽ ٽريڪرن جي ??اءِ ڪشش جو هڪ وڏو ذر??عو ??هن. هن چيو ته ملڪ جي خوبصورت مالم جبه ۽ نلتر جي علائقن ۾ اسڪيئنگ جون حيرت انگيز سهولتون موجود آهن ۽ انهن ۾ ايڊونچر راندين جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، ان کانسواءِ واديءَ هنزه ۾ قراقرم جي تمام وڏن جبلن جي ??چ ۾ دنيا جا بهترين ٽريڪس موجود آهن. ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ سياحتي ريگيوليٽري ??ڪينزم کي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سياحن جي ??اءِ لاڳاپيل جاين تائين آسان پهچ، بهتر رستن، صاف سٿري ??وٽلن ۽ گيسٽ رومز سميت تربيت يافته عملي جهڙين سهولتن کي يقيني بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. صدر چيو ته ڪجهه مخصوص سياحتي جاين طرف سياحن جي غيرمنظم آمد سان ٽريفڪ جام ٿيڻ جا مسئلا پيدا ٿين ٿا ۽ ان سان شهري ??ظام ۾ پڻ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ هن نئين سياحتي جاين جي ??ناسب انتظام ۽ ترقي جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن سياحن جي انگ کي ٻئي نئين سياحتي جاين طرف وڃڻ جي ترغيب ڏئي سگهجي. صدر سياحتي جاين جي سير دوران ماڻهن ۾ قدرتي ماحول کي خراب نه ڪرڻ جو شعور پيدا ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن سيڪيورٽي ۽ پرامن ماحول کي ملڪ ۾ سياحتي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جا اهم عمل قرار ڏنو. الپائن ڪلب آف پاڪستان جي چيف پيٽرن ايئروائيس مارشل (ر) اعجاز ملڪ چيو ته بلند ترين جابلو چوٽين ۽ گليشيئرز جي ??وجودگي جي ڪري ??اڪستان ۾ ايڊونچر ۽ جابلو سياحت جي ??ڏي گنجائش آهي. هن اسپورٽس ٽوئرازم ڪانفرنس جي ??قصدن جو خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ معاشي فائدا حاصل ڪرڻ جي ??اءِ ملڪي سياحت جي حوالي سان پاليسي ٺاهن، قومي نصاب ۾ سياحت کي بطور مضمون متعارف ڪرائڻ ۽ انساني وسيلن جي ??وجوده مهارتن سان تربيت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي. صدر الپائن ڪلب آف پاڪستان ابو ظفر صادق ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته تنظيم راڪ اينڊ اسپورٽ ڪلائمبنگ، هائيڪنگ ۽ ٽريڪنگ جي ذر??عي ملڪ ۾ راندين جي سياحت کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته حصيدارن جي تعاون سان جاري ??ين سرگرمين ۾ پيراگلائيڊنگ، مائونٽين بائيڪنگ ۽ رافٽنگ شامل آهن. صدر ان موقعي تي جبل چاڙهوئن، ٽريڪرز ۽ الپائن ڪلب جي عهديدارن کي سڃاڻپ شيلڊز ڏنيون.
پاڪستان ۾ راندين ۽ ايڊونچر ٽوئرازم جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر