گوادر – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪ چين دوستي کي ساراهيندي چيو آهي ت?? ”چين پاڪستان دوستي اسپتال“ ۽ سامونڊي پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائڻ جي پلانٽ سميت سي پيڪ منصوبن سان گوادر ۾ ترقي جي نئين دور جي ??روعات ٿيندي، گوادر ۾ ڪيترن ئي سالن کان پيئڻ جي پاڻي جو ڳنڀير مسئلو ان منصوبي سان حل ٿي ويندو، مستقبل ۾ چين ۾ کربين ڊالر جي واپار مان فائدو کڻڻ جي لاءِ اسان کي خاص طور تي نوجوانن کي ت??اري ڪرڻي پوندي ۽ هي انهن جي لاءِ سنهري موقعو آهي ت?? اهي پنهنجي ملڪ، صوبي ۽ خاندانن جي لاءِ ان مان فائدو کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”چين پاڪستان دوستي اسپتال“ ۽ سامونڊي پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائڻ جي لاءِ افتتاحي ت??ريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان سان دلي لڳاءُ آهي، بي آر آئي فورم جي موقعي ت?? چيني عملدارن جي ??ردو کان موثر شناسائي ت?? خوشي ٿ??، زبان ۽ رابطي سان ٻن ملڪن جي وچ ۾ ويجهڙائپ مضبوط ٿئي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين سدا بهار دوست ۽ آئرن فرينڊز آهن، انهن جي وچ ۾ جبلن کان بلند ۽ ماکيءَ کان مٺي دوستي آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفا مضبوط ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته چين پنهنجي ??وام جي وڏي انگ کي غربت مان ڪڍي بي مثال ڪارنامو سرانجام ڏنو. صدر شي جن پنگ پنهنجي قوم کي جنهن بردباري سان نئين مرحلي طرف وٺي وڃي رهيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. ان جو پيغام اهو آهي ت?? جڏهن چين ترقي ڪر?? ٿو ته سڀ ترقي ڪن ٿا، ان ۾ پاڪستان خاص طور تي بلوچستان ۾ گوادر سڀ کان پهرين اچ?? ٿو، گوادر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو ڪيترن ئي سالن کان ڳنڀير هو. هن منصوبي سان پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو ڪافي حد تائين حل ٿي ويندو. ايئرپورٽ فعال ٿيڻ وارو آهي، سي پيڪ جي ??ريعي گوادر جا ماڻهو ترقي جي نئين دور ۾ داخل ٿيندا، ان کي طاقت ۽ دهشتگردي سان نه ٿو بدلائي سگهجي، ائين سمجهڻ وارا غلطي ت?? آهن، قومي بهتري جي لاءِ صحيح رخ جو تعين ٿيڻ کانپوءِ سفر ۾ ساٿ ڏنو وڃ?? ٿو، مزاحمت نه ٿي ڪئي وڃي. هن چيو ته گوادر ۽ بلوچستان جي ??هرين جي لاءِ آبادي جي مناسبت سان موقعا ۽ وسيلا وڌيڪ آهن، ايندڙ 10 سالن ۾ چين ۽ ان جي ڀرپاسي کربين ڊالر جو واپار ٿيندو. ان واپار ۾ پنهنجي ??صيداري، ان جو حصو بڻجڻ ۽ ان ۾ شموليت جي لاءِ تياري ڪرڻي پوندي. هن چيو ته هر شخص ۾ مختلف قابليت ۽ صلاحيت هوندي آهي جيڪا هر شخص جي ??ڃاڻپ ۽ ڪردار جو تعين ڪري ٿي، پنهنجي ??ڃاڻپ سان ئي زندگي ۾ ڪاميابي ملي ٿي. هن چيو ته اهو بلوچستان جي ??وام خاص طور تي نوجوانن جي لاءِ سنهري موقعو آهي ت?? اهي پنهنجي ملڪ، صوبي ۽ خاندانن جي لاءِ تاريخي موقعي مان فائدو کڻن. هن چيو ته سولر پينل منصوبي ۽ ڪوئيٽا ۾ ايمرجنسي سينٽر قائم ڪرڻ جي ??علان تي چيني سفير ??و ٿورائتو آهيان ۽ انهن کي يقين ڏياريان ٿو ته چيني رهواسين جون سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. ان موقعي ت?? بلوچستان جي نگران وڏي وزير ??لي مردان ڊومڪي ت??ريب کي خطاب ڪندي چيو ته گوادر جي ??وام کي پيئڻ جي ??اف پاڻي جو مسئلو درپيش رهيو آهي، هن پلانٽ سان شهرين کي 5 لک گيلن پاڻي ملندو. سي پيڪ تحت گوادر جي ??عمير ۽ ترقي مثالي آهي. گوادر ۾ اسپتال قائم ٿيڻ هتان جي ??وام جي لاءِ تحفي کان گهٽ نه آهي. پاڪستان ۾ چين جي ??فير ??يانگ زائي ڊانگ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت جي منصوبي ۾ مسلسل معاونت ت?? ٿورائتا آهيون. واٽر پلانٽ سان گوادر جي ??وام فائدو کڻندي. اسپتال قائم ٿيڻ سان عوام کي صحت جون بهترين سهولتون ملنديون. اسان جو مقصد سي پيڪ منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ آهي. گوادر پورٽ سي پيڪ جو اهم منصوبو آهي، سي پيڪ سان نوڪرين جا 2 لک 36 هزار موقعا پيدا ٿيندا. گوادر سي پورٽ تي 46 ڪمپنين جي ??جسٽريشن ٿي چڪي آهي، انهن منصوبن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي هٿي ملندي. هن بلوچستان ۾ سولر پينل منصوبي ۽ ڪوئيٽا ۾ ايمرجنسي سينٽر قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اي آئي اي سي او تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته چيني حڪومت گوادر جي ??رقي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. گوادر پورٽ جديد ترين ايئرپورٽ هوندو جنهن ۾ جديد سهولتون هونديو. گوادر ۾ ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ نوجوانن جي ??ربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
”چين پاڪستان دوستي اسپتال“ ۽ سامونڊي پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائڻ جي پلانٽ سميت سي پيڪ منصوبن سان گوادر ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری