اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ جي فروغ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ بي آءِ ايس پي جي ڊيٽابيس کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بينظير ان??م ??پو??ٽ پروگرام جي بينيفشريز جي لاءِ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب فني تربيت جي فراهمي سان اهل ماڻهو پنهنجي ??ير?? تي بيهي سگهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ جي صدارت ۾ بينظير ان??م ??پو??ٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي حوالي سان هڪ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بينظير ان??م ??پو??ٽ پروگرام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب، غربت جي خاتمي واري وزارت جي سيڪريٽري يوسف خان ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي پروگرام جي هيستائين جي نتيجن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بينظير ان??م ??پو??ٽ پروگرام سان پوري ملڪ ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ خاندانن جا 6 ڪروڙ ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن جڏهن ته هن سال پروگرام جي ڪل بجيٽ 471 ارب رپيا آهي. نگران وزيراعظم بينظير ان??م ??پو??ٽ پروگرام تحت مستحق خاندانن جي معاونت تي پروگرام جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته بينظير ان??م ??پو??ٽ پروگرام جا نتيجا انتهائي خوش آئنده آهي پر پاڪستان جو پائيدار مستقبل ماڻهن جي مالي پاڻڀرائپ سان واڳيل آهي. ان حوالي سان نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته بينظير ان??م ??پو??ٽ پروگرام جو هڪ بهترين ڊيٽابيس آهي جنهن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي پاڪستان حڪومت ۽ مقامي انسان دوست تنظيمن جي وچ ۾ حصيداري جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته بينظير ان??م ??پو??ٽ پروگرام جي بينيفشريز جي لاءِ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب فني تربيت جي فراهمي سان اهل ماڻهو پنهنجي ??ير?? تي بيهي سگهندا. نگران وزيراعظم چيو ته وڏا ڪاروباري ادارا ۽ سرندي وارا ماڻهو ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبليٽي تحت بينظير ان??م ??پو??ٽ پروگرام جا حصيدار بڻجن. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته بينظير ان??م ??پو??ٽ پروگرام مقامي خيراتي ۽ فلاحي تنظيمن سان پارٽنرشپ ڪري. نگران وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان رياست ڪمزور طبقن جي هر ممڪن مدد ڪندي ته جيئن اهي هڪ پراميد زندگي گذاري سگهن.
نگران وزيراعظم پاران لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ جي فروغ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ بي آءِ ايس پي جي ڊيٽابيس کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی