اسلام آباد-26 آڪٽوبر(اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن تي ع??لد??آمد ڪرڻ تي زور ڀريو. ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي ??ي موقعي تي قانون واري وفاقي وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ڪارو ڏهاڙو اسان کي ان ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن 1947ع ۾ ڀارتي فوج غير قانوني طور سرينگر ۾ داخل ٿي معصوم ماڻهن تي قبضي، ظلم ۽ ڏاڍ جي شروعات ڪئي. ڀارت والاريل ??شمير ۾ ڪشميرين جي انساني حقن جي سالن کان ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هر سال ڪارو ڏينهن ان لاءِ ملهايو وڃي ٿو ته جيئن ڀارت جي غير قانوني ق??ضي خلاف احتجاج ڪري سگهجي ۽ عالمي برادري کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) جي قراردادن تي ع??لد??آمد جي حاويل سان ان جي وعدن کي ياد ڏيارجي جيڪي ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں